پنجاب جي تعليمي ادارن ۾ ڇنڇر ڏهاڙي به هفتيوار موڪل جو اعلان

news-details

لاهور: (اڱارو: 25 جون 2024ع) پنجاب حڪومت طرفان سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ ڇنڇر ڏهاڙي به هفتيوار موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي.


تعليم کاتي موجب ڇنڇر ڏهاڙو پنجاب ۾ سرڪاري استادن جي دٻاءُ کي ختم ڪرڻ ۽ تربيت ڏيڻ لاءِ مختص ڪيو ويندو.


تعليم واري صوبائي وزير راڻا سڪندر حيات جو چوڻ آهي ته استادن تي دٻاءُ ختم ڪرڻ لاءِ به اهڙي قسم جا قدم کڻي رهيا آهيون.


صوبائي وزير چيو ته هلندڙ هفتي کان سرڪاري اسڪول سومر ڏهاڙي کان جمعي تائين کليل رهندا ۽ ڇنڇر ڏهاڙي تي اسڪول بند ڪري استادن لاءِ تربيتي سيشنز منعقد ڪرايا ويندا.


صوبائي وزير طرفان استادن کي اسڪول جي ٽائيم جي پابندي جي هدايت ڪندي زور ڏنو آهي ته ڇنڇر ڏهاڙي جي موڪل بعد تعليم جو معيار تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو وڃي.