ڪراچي: (اڱارو: 09 جولاءِ 2024ع) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ معمولي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي.
100 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 45 هزار 500 رپيا ۽ 86 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 10 گرام سون ٻه لک 10 هزار 48 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 14 ڊالر گهٽجڻ سان 2342 ڊالر في اونس آهي.