اسلام آباد: (آچر: 14 جولاءِ 2024ع) تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي اهم روڊن تي فلسطين جي حق ۾ ڌرڻو جاري آهي.
تحريڪ لبيڪ پاڪستان لبيڪ يا اقصيٰ مارچ ڪڍندي فيض آباد پهچي پنهنجا 3 مطالبا پورا ٿيڻ تائين فيصل آباد فلائي اوور تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو آهي.
فيض آباد وٽان ٽريفڪ جا سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن. تحريڪ لبيڪ جي سربراهه علامه سعد رضوي مطالبا پورا ٿيڻ تائين فيض آباد ۾ رهڻ جو اعلان ڪيو آهي. لياقت باغ، راولپنڊي کان شروع ٿيندڙ اقصيٰ مارچ فيض آباد پهتو ته علامه سعد رضوي خطاب ڪندي چيو ته جيستائين اسان جا مطالبا پورا نٿا ٿين اسان هتي ڌرڻو هڻي ويٺل رهنداسين.
هن چيو ته اسان جا پاڪستان جي حڪومت کان 3 مطالبا آهن. پهريون مطالبو مظلوم فلسطينين تائين غذائي ۽ طبي امداد فوري طور تي پهچائي وڃي، ٻيون مطالبو حڪومت سرڪاري سطح تي اسرائيلي شين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ۽ ٽيون مطالبو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي دهشتگرد قرار ڏنو وڃي.
علامه سعد رضوي جي خطاب کان پوءِ تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن فيض آباد فلائي اوور جي مٿان ۽ هيٺيان اسلام آباد ايڪسپريس وي تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو آهي جنهن سبب فيض آباد، راولپنڊي کان اسلام آباد ۽ لاهور کان مري وڃڻ ۽ ايندڙ ٽريفڪ جو فيض آباد کان گذرڻ جو رستو بلاڪ ٿي ويو آهي.