سموري ملڪ ۾ عيد جي ٽئين ڏينهن به گرمي جي شدت برقرار، شهري بيحال

news-details

لاهور: (سومر: 09 جون 2025ع) سموري ملڪ ۾ سخت گرمي جو سلسلو برقرار آهي، جنهن سبب شهري بيحال ٿيڻ لڳا آهن. عيد جي ٽئين ڏينهن به لاهور ۾ سج جي تپش گهٽ نه ٿي سگهي، صبح جو سوير ئي سج جي تپش شهرين کي بيحال ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته موسمياتي کاتي رڪارڊ ٽٽڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.


موسميات کاتي موجب صوبائي راڄڌاني جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 32 ڊگري ۽ وڌ کان وڌ گرمي پد 46 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي. شهر موجوده گرمي پد 39 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.


موسم جو احوال ٻڌائيندڙن جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين لاهور جو موسم گرم رهندو. شهر ۾ برسات جا ڪي به امڪان نه آحن، هوا ۾ نمي جو تناسب 20 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي.


انهي کان علاوه ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پارو معمول کان 7 ڊگري تائين وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ گرمي پد 4 کان 6 ڊگري تائين وڌيڪ رهي سگهي ٿو.


ملڪ ۾ وڌندڙ گرمي جي شدت سبب ٿڌين شين جي گهرج ۾ نمايان اضافو نظر اچي رهيو آهي جڏهن ته ٿڌي پاڻي، شربت ۽ آئس ڪريم جي دڪانن تي شهرين جو رش وڌڻ لڳو آهي.


طبي ماهرن شهرين کي احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته شهري گرمي جي موسم ۾ پنهنجي مٿي کي ڪنهن ڪپڙي سان ڍڪي رکن، شهري وڌ کان وڌ ٿڌين شين جو استعمال ڪن، گرمي جي شدت کي نظر ۾ رکندي خاص طور تي بزرگن، ٻارن ۽ مريضن کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.