وچ اوڀر بحران تي آمريڪا جو نئون موقف: مسلمان ملڪن جي سربراهن کي 21 نڪتن تي ٻڌل پلان پيش ڪري ڇڏيو

news-details

نيويارڪ: (خميس: 25 سيپٽمبر 2025ع) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي مسلمان ملڪن جي سربراهن کي وچ  اوڀر ۽ غزه جي لاءِ هڪ 21 نڪتن تي ٻڌل امن منصوبو پيش ڪري ڇڏيو، جنهن کي خطي ۾ امن جي قيام طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.


اهو انڪشاف آمريڪا جي وچ اوڀر جي لاءِ خصوصي ايلچي اسٽيووٽڪوف ڪيو، جنهن ٻڌايو ته صدر ٽرمپ جو امن منصوبو جنرل اسيمبلي اجلاس جي سائيڊ لائن تي مسلمان اڳواڻن کي پيش ڪيو ويو آهي. وٽڪوف موجب اسان پُراميد آهيون ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾  غزه بابت ڪو وڏو بريڪ ٿرو ٿي سگهي ٿو.


خصوصي ايلچي وڌيڪ ٻڌايو ته ايران سان به ڳالهين جون ڪوششون جاري آهن پر  تهران انهي مرحلي تي سخت موقف اختيار ڪري رکيو آهي جڏهن ته اسان ڳالهين جا دروازا هميشه کليل رکڻ چاهيون ٿا.


ذريعن موجب نيويارڪ ۾ ٿيل انهي اهم ملاقات ۾ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف کان علاوه ترڪيه، سعودي عرب، مصر، قطر، اردن، انڊونيشيا ۽ متحده عرب امارات جا سربراهه به شريڪ هئا. تقريبن 50 منٽ جاري رهندڙ ملاقات ۾ غزه، انساني بحران ۽ خطي ۾ استحڪام بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.


هوڏانهن صدر ٽرمپ صحافين سان ڳالهين ۾ انهي ملاقات کي انتهائي ڪامياب قرار ڏنو. هن چيو ته اسان غزه ۽ وچ اوڀر ۾ امن جي امڪانن تي تعميري ڳالهيون ڪيون، اميد آهي ته اها ملاقات نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندي.