گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ايران تي پابندين ۾ واڌ جي چين ۽ روس جي قرارداد رد ڪري ڇڏي

news-details

نيويارڪ: (ڇنڇر: 27 سيپٽمبر 2025ع) گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۾ 2015 جي ايٽمي معاهدي جي تحت ايران کي ڏنل پابندين ۾ نرمي جي مدي ۾ واڌ جي قرارداد منظور نه ٿي سگهي.


سلامتي ڪونسل چين ۽ روس طرفان پيش ڪيل گڏيل قرارداد کي رد ڪري ڇڏيو. رپورٽن موجب اها قرارداد رد ڪرڻ جو مطلب آهي ته معاهدي جي تحت ايران مان ختم ڪيل پابنديون اڄ شام کان ٻيهر لاڳو ٿي وينديون.


15 رڪني سلامتي ڪونسل جي  8 ميمبرن قرارداد جي مخالفت، 4 حمايت ڪئي جڏهن ته 2 ميمبر غير حاضر رهيا. روس جي نائب مستقل سفير ديمتري پوليانسڪي اجلاس جي دوران چيو ته اسان جو ملڪ ايران تي پابندين جي بحالي کي رد ڪري ٿو. هن تهران خلاف قراردادون غيرقانوني ۽ عمل نه ڪرڻ جوڳيون قرار ڏيندي الزام لڳايو ته 3 يورپي ملڪ نيو ڪليئر ڊيل کي مڪمل تباهه ڪرڻ چاهين ٿا.


ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته هو انهي صورتحال کي غيرقانوني قرار ڏئي، هن الزام لڳايو ته آمريڪا سفارتڪاري ۾ غداري ڪئي برطانيه، فرانس ۽ جرمني انهي کي دفن ڪري ڇڏيو.