ڪابل: (آچر: 28 سيپٽمبر 2025ع) افغانستان جي عبوري حڪومت جي نائب ترجمان چيو آهي ته افغانستان ۾ ڪنهن به هٿياربند گروپ کي سرگرمين جي اجازت نه ڏني ويندي.
نائب ترجمان طالبان حڪومت حمدالله فطرت چيو آهي ته افغانستان 4 ملڪي ڳالهين ۾ افغانستان ۾ ڪنهن پرڏيهي فوجي اڏي جي خلاف بيان جي آجيان ڪري ٿو. افغانستان پاڪستان، روس، چين ۽ ايران جي موقف جي به آجيان ڪري ٿو.
حمدالله فطرت چيو ته افغانستان جي زمين ڪنهن ملڪ جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين. افغانستان ۾ ڪنهن به گروپ کي سرگرمين جي اجازت نه ڏني وئي، اها ڳالهه بي بنياد آهي ته افغانستان مان ٻين ملڪن کي خطرو آهي.
افغان حڪومت جي نائب ترجمان جو چوڻ آهي ته افغانستان بدعنواني، منشيات ۽ هر قسم جي اڻوڻندڙ معاملن جي خلاف قدم کڻي رهيو آhي، اسان سمورن mلڪن سان گڏيل احترام جي بنياد تي لاڳاپا چاهيون ٿا.
حمدالله فطرت چيو ته ڪابل جي پاليسي گڏيل اعتماد، مثبت رابطه ۽ دوستانه لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي ٻڌل آهن. سياسي ماهرن موجب علاقائي ملڪن جي افغانستان جي استحڪام جي حمايت به هڪ موقعو آهي. هن چيو ته افغانستان انهي جي ذريعي پنهنجا سياسي ۽ اقتصادي رابطه وڌيڪ مستحڪم بنائي سگهي ٿو. ڪابل کي پاڙيسري ملڪ جي خدشن جو مثبت جواب ڏيڻ ڀروسو وڌائي سگهي ٿو.