سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي 6 آڪٽوبر تي بلاول ھائوس ڪراچي آڏو ڌرڻي جي تياري لاءِ آپڪا ضلعي لاڙڪاڻي جي گڏجاڻي

news-details

لاڙڪاڻو: (خميس: 02 آڪٽوبر 2025ع)  6آڪٽوبر تي سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي بلاول ھائوس ڪراچي آڏو ڌرڻي جي تياري لاءِ آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن آپڪا ضلعي لاڙڪاڻي جي عھديدارن جي گڏجاڻي آپڪا پاڪستان جي سينئر نائب صدر اول رفيق احمد جتوئي جي صدارت ۾ ايريگيشن آفيس لاڙڪاڻو ۾ ٿي جنهن جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي تلاوت ڪلام بشير احمد ڀٽي ڪئي.


گڏجاڻي جي ڪاروائي آپڪا ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري مبين خان ٻرڙو جن ھلائي گڏجاڻي ۾ آپڪا پاڪستان جي سينئير نائب صدر اول رفيق احمد جتوئي نثار احمد عارباڻي مبين خان ٻرڙو محمد بخش ڪنڀر نصر الله جاگيراڻي محمد پيرل دايو محمد شريف عمراڻي غلام عباس چانڊيو عبدالرسول چنا منور علي ڪلھوڙو اصغر علي تنيو شاھنواز ڀٽو عبدالنبي دايو بشير احمد ڀٽي محمد الياس ابڙو نصرالله دايو شاھد جوکيو رياض احمد تنيو لياقت علي ميمڻ محب علي تنيو نظير احمد کوکر امتياز علي مگسي مرتضي حسين سولنگي نعمت الله مگسي ماجد کوسو سرائي نصرت حسين جهتيال خان محمد ڪلھوڙو رياض حسين سومرو عابد حسين شيخ محمد نواز شيخ عابد علي مھر عبدالقادر ڦلپوٽو ناظم آگاڻي وزير ڏيٿو اصغر علي زاھد حسين منگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي ميٽنگ کي خطاب ڪندي آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن آپڪا پاڪستان جي سينئير نائب صدر اول رفيق احمد جتوئي نثار احمد عارباڻي مبين خان ٻرڙو محمد بخش ڪنڀر محمد پيرل دايو نصر الله جاگيراڻي نصر الله دايو جن چيو ته پينشن مان ڪٽوتي وارو نوٽيفڪيشن واپس ورتو وڃي ڊسپيرٽي ريڊيڪشن الائونس ڏنو وڃي گروپ انشورنس ۽ بينيول فنڊ رٽائرمينٽ ٿيڻ وقت ادا ڪيو وڃي پگھارن ۾ستر سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي ڪاري قانون وارو نوٽيفڪيشن واپس ورتو وڃي ۽ سنڌ ايمپلائيز الائنس جا مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته 6آڪٽوبر تي بلاول ھائوس آڏو تاريخي ڌرڻو هڻنداسين جيستائين اسان جا جائز مطالبا منظور نه ٿيندا تيستائين اسان جو بلاول ھائوس آڏو ڌرڻو جاري رهندو.