حيدرآباد پريس ڪلب تي ڪارو جهنڊو، صحافين جو اسلام آباد نيشنل پريس ڪلب تي حملي خلاف احتجاج

news-details

حيدرآباد: (رپورٽ: جان علي لغاري) نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد تي ٿيل حملي خلاف حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس طرفان حيدرآباد پريس ڪلب تي ڪارو جهنڊو چاڙھي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.


ايڇ يو جي پاران حيدرآباد پريس ڪلب آڏو پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي ايف اي سي جي ميمبر اقبال ملاح، ايڇ يو جي صدر وسيم خان، جنرل سيڪريٽري ڄام فريد لاکو، منصور مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.


ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد تي حملو آزاد صحافت تي حملو آهي جنهن جي سخت مذمت ڪجي ٿي، نيشنل پريس ڪلب اسلام آ باد تي پوليس چڙهائي سان حڪومت جي رٽ تي پڻ سواليه نشان آهي.


اڳواڻن حڪومتي ادارن کان مطالبو ڪيو ته اسلام آباد ۾ صحافين تي ٿيل تشدد جي جاچ ڪرائي صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. احتجاج ۾ اڪبر درس نظام مگسي، سکر لاشاري، راجا انور چانڊيو، منير نارائي، خادم چانڊيو، راحبا خان، فاضل چنه شوڪت ميمڻ، رياض بجير، نياز ملاح، اعجاز کوسو، ياسر ڪورائي، نعيم شاھ، نويد ڪي ڪي، سجاد زئي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.