ڪراچي: (ڇنڇر: 04 آڪٽوبر 2025ع) سنڌ ۾ پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندڙ والدين جي خلاف ڪارروائي تي غور ڪيو پيو وڃي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ پوليو جي خاتمي بابت اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت وڏي وزير مراد علي شاهه ڪئي. اجلاس دوران هن چيو ته مون وٽ هاڻ ڪوبه ٻيو رستو ناهي بچايو سواءِ انهي جي ته انهن ماڻهن کي سزا ڏيان جيڪي پوليو جي خاتمي ۾ پنهنجي قومي ذميواري کي نه پيا سمجهن.
سنڌ جي وڏي وزير اعلان ڪيو ته اهڙن والدين جي خلاف سخت قدم کنيا ويندا جيڪي پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦِڙا پيارڻ کان انڪار ڪندا آيا آهن، انهن جي موبائل فون جون سمون بند ڪرڻ، قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ معطل ڪرڻ شامل آهي ته جيئن هو مواصلاتي ۽ سفري سهوليتن کان محروم رهن. اجلاس ۾ مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ پوليو ويڪسين انڪار سيل قائم ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو.