لاڙڪاڻو: (ڇنڇر: 04 آڪٽوبر 2025ع) لاڙڪاڻي جي شهر ڳيريلو جي بس اسٽاپ پاڙي وٽ ملڪيت جي مامري تان پٽن پيءُ سان گڏجي پيرسن ماءُ ضميران جاگيراڻي کي مبينا طور گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي مقتول عورت جي ڌي گل پري ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي پي سومر۽ منهنجي ڀائرن نعيم ۽ خان ملڪيت جي لالچ م امڙ کي گهٽا ڏئي ماري ڇڏيو آهي
لاڙڪاڻو :رابطي تي ڳيريلو پوليس ٻڌايو ته ظاهري طور پيرسن عورت جي جسم تي ڪي به تشدد وغيره جا نشان ناهن وڌيڪ پوسٽ مارٽم بعد ئي خبر پوندي ته کيس قتل ڪيو ويو يا طبي موت مري وئي. هوڏانهن الزام هيٺ آيل پيرسن سومر، نعيم ۽ خان جاگيراڻي کي پوليس حراست ۾ وٺي عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.