مهراڻ يونيورسٽي جي واٽر سينٽر جا ۱۵ شاگرد اعلى تعليم لاءِ آمريڪا ويندا

news

ڄامشورو: مهراڻ يونيورسٽي جي واٽر سينٽر يو ايس پڪاس ڊبليو جا ۱۵ شاگرد پاڪستان جي پاڻي مسئلن تي اعلى تربيتي ۽ تحقيق ڪورس جي سلسلي ۾ آمريڪا روانا ٿيندا. تفصيل موجب يونيورسٽي جي واٽر سينٽر اندر ٻي بئچ جي پهرين گروپ ۾ ۱۵ شاگرد جن ۾ ۵ شاگردياڻيون پڻ شامل آهن جيڪي بين الاقوامي ترقي لاءِ ڪم ڪندڙ آمريڪي اداري يو ايس ايڊ جي مالي سهڪار سان ايڪسچينج اسڪالرشپ تحت سڀاڻي آمريڪا جي يوٽا يونيورسٽي لاءِ روانا ٿيندا. آمريڪا رواني ٿيڻ کان اڳ واٽر سينٽر جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر بخشل لاشاري ساڻن هڪ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته هن سينٽر پاران واٽر ليڊر پيدا پيا ڪيا وڃن جيڪي ملڪ اندر پاڻي مسئلن جو پائيدار حل ڪڍندا. ايڪسچينج پروگرام لاءِ چونڊيل شاگردن کي تاڪيد ڪندي ڊاڪٽر بخشل لاشاري چيو ته هُو اسڪالرشپ مان ڀرپور فائدو حاصل ڪن. هن چيو ته چونڊيل شاگرد آمريڪا وڃي ڪري يوٽا يونيورسٽي ۾ پاڻي تي کين اعلى تعليم ۽ تحقيق جي سلسلي ۾ اتان جا پروفيسر کين رهنمائي ڪندا. ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ واٽر سينٽر جي ڊپٽي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رسول بخش مهر پڻ آمريڪا ويندڙ شاگردن سان هڪ ملاقات ڪئي کين آمريڪا جي ماحول متعلق تفصيلي ڄاڻ ڏني. گڏجاڻي ۾ واٽر سينٽر جي اڪيڊمڪ ڪوآرڊينيٽر محمد علي نظاماڻي پڻ ايڪسچينج اسڪالرس کي سفري، صحت ۽ ٻين سهولتن جي ڄاڻ فراهم ڪئي. آمريڪا لاءِ روانو ٿيندڙ شاگردن ۾ احمد عبد الرحمان، ذوالفقار علي جماڻي، طاهر علي شيخ، مهرآڻ ستار سومرو، آفاق احمد، سلمان محسن، پشمينا افتخار، سمرا حُسين، عظمى جبين، عمامه سومرو، شائسته مبارڪ، رافع وسطڙو ۽ هما ۽ ٻيا شامل آهن.