ڍانچن جو پنڃرو بڻيل ٿر جون معصوم زندگيون

news

جمعو 24 نومبر 2017ع: ٿر ريگستان جيڪو ڪيترن ئي معدني وسيلن سان مالا مال آهي پر انهيءَ معدني وسيلن سان مالا مال ٿر جي سڌاري ۽ عوام کي سندن وسيلن مان رليف ڏيڻ ۾ حڪومتون ناڪام ٿي رهيون آهن، ڪو سال اهڙو ناهي گذريو جنهن سال اندر ٿر جي معصوم عوام مٿان قهر جا ڏينهن ناهن ڪڙڪيا، ڪڏهن کين بک ۽ اڃ وگهي تڙپائي تڙپائي مرڻ جهڙي زندگي تي مجبور ڪيو ويندو آهي ته ڪڏهن برساتن جا بادل نه وسڻ ڪري حسين ٿر ويرانين جي ور چڙهي ويندو آهي، جت موت جو راڪاس رنجيرون ٽوڙي ٿر جي معصوم ٻارن جي زندگين کي ڳڙڪائيندو رهي ٿو. هن سال به ٿر جي ڪجهه اهڙي صورتحال آهي، جنهن اندر ٿر جي ڪيترائي معصوم ٻار غذائي کوٽ هجڻ سبب موت جو کاڄ بڻجي ويا آهن، جڏهن ته سموري ٿر جون ننڍيون وڏيون اسپتالون انهيءَ غذائي کوٽ سبب بيمار ٿيندڙ معصوم ٻار سان ڀريون پيون آهن، جڏهن ته وڌيڪ زندگيون ضايع ٿيڻ کان اڳ حڪومت کي گهرجي ته انهيءَ ٿر واري معاملي تي سنجيدگي سان ويهي غور ڪري، ڇو ته ٿر اندر هن وقت معصوم ٻارن اندر جيڪو غذائي کوٽ سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين جو سلسلو هلي رهيو آهي، انهيءَ کي فوري حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن وقت ٿر اندر سوين ٻار انهيءَ غذائي کوٽ  سبب مري چڪا آهن، جڏهن ته ان کانسواءِ ٿر اندر صاف پاڻي جي به تمام گهڻي کوٽ آهي ۽ صحت جي مرڪزن تي دوائن ۽ ڊاڪٽر جي کوٽ اڃا برقرار آهي، ٻئي پاسي ٿر جي نالي تي ڪروڙين رپين جي بجيٽ وٺندڙ اين جي اوز به رڳو ڪاغذي ڪارروايون ڪري رهيون آهن ۽ سرڪار سڳوري به ٿر جي معاملي تي دلچسپي نه وٺي رهي آهي، جنهن تي معاملو ڏينهون ڏينهن بگڙندو پيو وڃي ۽ ڪيترن ئي مائرن جون جهوليون خالي ٿينديون پيون وڃن. ٿر اندر موجود کوهن جو جر کارو ۽ زهريلو ٿي ويو آهي، انهيءَ زهريلي پاڻي واپرائڻ سبب به انساني زندگيون زيان ٿي رهيون آهن. ٿر جي معصوم ٻارن جي موت جون خبرون ٽي وي توڙي اخبارن ۾ هر روز اچي رهيون آهن، جنهن اندر مٺي، اسلام ڪوٽ، ڏيپلو، عمرڪوٽ، ڇاڇرو ۽ ٿر جي ٻين مختلف شهرن جي اسپتالن اندر ڪيترائي ٻار بيماري واري بستري تي بي يارو مددگار موت جي اوسيئڙي ۾ آهن. گذريل سال به ٿر جي معصوم ٻارن مٿان موت جو راڪاس اچي ڪڙڪيو، جنهن ۾ 350 کان وڌيڪ ٻارڙا فوت ٿي چڪا هئا پر اُن وقت انتظاميا هڪ عذر پيش ڪيو ته انهن معصوم ٻارن جي زندگين جو زيان ٿيڻ سبب صرف وقت تي سندس تيماداري به ٿيڻ هو پر هن ڀيري ائين نه ٿيندو پر هن سال به ائين آهي، حڪومت توڙي انتظاميا جون ڳالهيون رڳو بيانن جي حد تائين آهن، ڇو ته هن سال بک وگهي ٿر ۾ مرندڙ معصوم ٻارن جو انگ هڪ سئو کان مٿي ٿي ويو آهي، جڏهن ته حڪومت مختلف ڳالهيون ڪري ٽال مٽول ڪري رهي آهي.

حڪومت طرفان بيان اچي رهيا آهن ته ٿر اندر ڪو ڊاڪٽر وڃڻ لاءِ تيار ناهي. ٻار به هونئن به مرن ٿا ميڊيا ان کي وڌائي ڪري پيش ڪري رهي آهي. حڪومت جي اهڙن بيانن تي رڳو ڏک ٿيندو آهي پر ان کان وڌيڪ افسوس اهو به ٿيندو آهي ته هن سنڌي قوم جي واڳ انهن جي هٿ ۾ آهي، جيڪي کين موت جي آسري بي يارو ڇڏڻ ۾ دير ناهن ڪندا. حڪومت چئي رهي آهي ته ڪو ڊاڪٽر ٿر اندر نوڪري ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، انهيءَ ڪري حڪومت کان سوال آهي ته هو اهڙن  سفارشي ۽ نااهل ڊاڪٽرن کي نوڪريون ڇو ٿا ڏين.؟ جيڪي مريض سان همدردي نه رکندا هجن. ٿر جي علائقن ۾ ڊاڪٽر جو نه وڃڻ ۽ اهو حڪومت جو اهو چوڻ مان سمجهان ٿو ته اهي لفظ حڪومت جي منهن مان ٺهن ڪونه ٿا، ڇو ته حڪومت وٽ پاور آهي، پوءِ ڇو هو انهيءَ ڊاڪٽرن کي پابند نه ٿي ڪري ته هو ٿر ۾ وڃي ڊيوٽيون ڪن، رڳو حڪومت چوي ته اصل ڪم ته ڳالهين کي عملي جامو پارائڻ آهي، جيڪو حڪومت نه ڪري رهي آهي، انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٿر واسين جي زندگي تمام گهڻي ڏکي گذرندي آهي، گرمي هجي يا سيارو پر ٿر اندر هميشه کاڌ خوراڪ جي گهٽتائي رهي آهي، جڏهن ته انهيءَ کان به وڌيڪ اهو حال آهي ته ٿر جي صحت کاتي جو ٻيڙو ٻڏو پيو آهي، اھم مسئلو خوراڪ جي گھٽتائي ۽ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي فراهم نه ٿيڻ ڪري آھي، جيڪو خاص طور تي ٻارڙن ۽ عورتن لاءِ تمام اھم آھي، ٿرپارڪر جي اسپتالن ۾ ويم خانن جون سھولتون نه ھئڻ ڪري ڳورھارين عورتن کي پريشاني جو منھن ڏسڻو پوي ٿو، گھڻو ڪري 90 سيڪڙو عورتن جي ڊليوري گھرن ۾ ئي ٿيندي آھي، ڪٿي ڪٿي پيچيده ڪيس ھجڻ ڪري عورت کي اسپتال آندو ويندو آھي، ان سبب به گھڻا ڄمندڙ معصوم ٻارڙا موت جي منھن ۾ ھليا ويندا آھن، ان سان گڏوگڏ عورتن کي به جان جو خطرو ھوندو آھي. ٿر ۾ ساڳيو موت جو راڪاس ڏڪار ۽ بيمارين جي روپ م ظاھر ٿيو آھي، اسان جا حڪمران پنھنجي علاج لاءِ پرڏيھ وڃن ٿا، پر غريبن لاءِ نٿا سوچين ته انھن کي پنھنجي ڏيھ ۾ علاج جون سھولتون ميسر ڪري ڏيون. سياستدان پنھنجي ساھ کي ايترو قيمتي ٿا سمجھن، باقي ڏڪار سٽيل معصوم ماروئڙا انهن جي نظر ۾ ناهن، اسان جي سياستدان کي ٿورڙو رحم ۽ قياس ڪرڻ گهرجي.

ٿر اندر مٺي پاڻي ۽ غذائي کوٽ جي ڪري ٻارن کي مختلف بيماريون وڪوڙي ويون آهن، جڏهن ته ڪيترا مرد، ٻار ۽ عورتون چمڙي توڙي جسم جي ٻين بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. ٿر کي مٺو پاڻي سپلاءِ ڪرڻ لاءِ 400 کان مٿي پلانٽ لڳايا ويا هئا، جيڪي روزانو 10 لک گلين پاڻي صاف ڪرڻ وارا پلانٽ هئا، جيڪي ايشيا ۾ سڀ کان وڏا پلانٽ هئا، ايندڙ 6 مهينن ۾ وڌيڪ 300 پلانٽ لڳائڻ جو حدف مليل آهي، جن منصوبن تي پنج ارب رپيا جي لاڳت جو اندازو آهي پر مٺي جي پ پ انتظاميا چيو آهي ته 400 مان 100 جي لڳ ڀڳ پلانٽ هلڻ جي ٿورڙي عرصي ۾ خراب ٿي ويا آهن، ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته اربين رپين سان لڳايل اهي پلانٽ ناڪارا ٿي وڃن ته انظاميا انهي ڳالهه کي معمولي ڳالهه سمجهي ڪري ٽاري ڇڏي. 18 هزار ڪلوميٽر تي واقع سنڌ جو حسين ريگستان ۽ مارئي جو ملڪ ٿر جيڪو 16 لک آبادي تي مشتمل آهي، جن ۾ موجود تعلقي مٺي، اسلام ڪوٽ، ڏيپلو، ڇاڇرو، ننگرپاڪر ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته رڳو ننگرپارڪر اندر ميڊيائي رپورٽ مطابق ته 23 اهڙا ڳوٺ آهن، جن اندر خشڪ سالي جي ڪري ۽ خراب پاڻي واپرائڻ ڪري، ڪيترائي معصوم ٻار ڊائريا، پيٽ جي بيمارين ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، جڏهن ته ان کانسواءِ ٿر جي سمورين تعلقن اندر ساڳئي صورتحال آهي پر انهيءَ سموري صورتحال حال کان حڪومت بيزاري اختيار ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته هو ٿر جي مرندڙ عوام جي موت کي فضول ٿي سمجهي، ان ڪري حڪومت کي ٿر اندر معصوم ٻارن جي تڙپي تڙپي مرڻ ڏسڻ ۾ نه پيو اچي، ٿر جا معصوم ٻار جيڪي ’هڏاوان پڃرا‘ ٿي ويا آهن. جڏهن ته ڪيترائي معصوم ٻار جيڪي پنهنجي هڏڙن جي  پڃري وجود سان  ٿر جي واريءَ ۾  دفن ٿي ويا رهيا آهن  ۽ ڪيترائي آخري پساهه کڻي رهيا آهن. سندن اکين مان معصوميتون ۽ حسرتون ڳالهائي ۽ روئي رهيون آهن، سندن ننڍڙي وجود سان سگهه ختم ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ٿر جو اهڙو حال آهي جو پهرين مور موڪلائي ويا، پهرين مور مئا، پوءِ ڍور، هاڻي گلابن جهڙا معصوم ٻار مري رهيا آهن ۽ حڪومت پنهنجا پلاند آجا ڪرائڻ جي چڪر ۾ آهي، انهن کي ايترو ته سوچڻ گهرجي ته اوهان رهبر آهيو ۽ اوهان پنهنجي رهبري اندر ٿر جي ڪهڙي رهبري ڪئي آهي، ان ڪري ٿر جي معاملي تي حڪمرانن کي خدا جي قهر کان ڊڄڻ گهرجي ۽ ٿر ۾ مرندڙ معصوم ٻارڙن جي مدد ڪرڻ گهرجي.