بلوچستان ۾ به گهوسٽ اسڪولن جو انڪشاف

news

هڪ خبر ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بلوچستان ۾ به 1500 گهوسٽ اسڪول موجود آهن، انهن مان 600 پرائمري اسڪول آهن جڏهن ته مڊل ۽ هاءِ اسڪولن جو تعداد 900 آهي، صوبي ۾ تعليم کاتي جي ڪارڪردگي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اسڪولن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ حڪومت طرفان هڪ ارب روپيا مقرر ڪيا ويا پر اها رقم خرچ نه ڪئي وئي ۽ ٻارن کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت نه ملي سگهي، الميو اهو آهي ته بلوچستان ۾ پسماندگي به سڀني کان وڌيڪ آهي، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين تعليم طرف توجهه نه ڏني وئي، ان جو وڏو ۽ بنيادي سبب اهو هو ته اتي قبائلي نظام صدين کان موجود آهي. سردار جي مرضي سان هر ڪم ٿيندو آهي، تعليم حاصل ڪرڻ جو رواج نه هو، ايوب خان جي حڪومتي دور جي آخري ٻن ٽن سالن ۾ تعليم طرف توجهه ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيو پر تعليم لاءِ مقرر ڪيل بجيٽ جو وڏو حصو بيوروڪريسي ۽ سردار هضم ڪري سرڪاري فائلن جا پيٽ ڀري ڇڏيندا هئا ان کانپوءِ ڀٽو ۽ جنرل ضياءُ الحق جي دورن ۾ تعليمي سهولتن تي ايتري توجهه ضرور ڏني وئي جو نوان اسڪول قائم ڪيا ويا ۽ اپ گريڊيشن جو ڪم به ٿيو، جيتوڻيڪ بلوچستان ۾ ڇوڪرن سان گڏوگڏ نياڻين جي لاءِ به اسڪول قائم ڪيا ٿيا جڏهن ته انٽرميڊيٽ ۽ بي اي ڪلاسز لاءِ منظوري ڏني وئي ۽ نوان ڪاليج به کوليا ويا.

news-details