نا اهل اسانجو مالهي آ ....

news

 سومر 27 نومبر 2017:

هڪ ڏهاڪي کان پهرين جي ڳالهه ڪنداسين ته جڏهن اوطاقن جو دور ختم ٿيڻ شروع ٿي رهيو هو ته شهر اندر مارڪيٽن ۾ ڪيسٽن جي دڪانن تي مسخرن جون ڪيسٽون تڏه به ان وقت وڪرو ٿينديون هيون ۽ ماڻهو خريد ڪري واندڪائي ۾ ٻڌي پنهنجي روح کي ريجهائيندا هئا ، هن وقت نيٽ جي دور کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي نيٽ سموري دنيا کي گڏي ڇڏيو آهي ايتري تائين جو ٻهراڙي واري علائقي ۾ به ماڻهو موبائل وسيلي دنيا کي ڏسي رهيا آهن . نيٽ جي هن جديد ۽ تيز تر دور هوندي به اڃان به اهڙو ذريعو اسان وٽ موجود آهي جيڪو انهن سمورن ڳالهين کان مٿانهون آهي جن جون ڳالهيون ٻڌڻ کان پوء نه صرف دماغ چڪرائجي ويندو آهي پر کل به ڏاڍي ايندي آهي ۽ پوء هر ماڻهو پنهنجي بي وسي کان چپن ئي چپن ۾ ڀڻڪي ٿڌو ساهه کڻي ٻي طرف منهن ڦيري ڇڏيندو آهي جي ها اهي آهن اسان جا نااهل حڪمران جن جون ڳالهيون ٻڌڻ کان پوء به اسان اهڙن حڪمرانن کي برداشت ڪري رهيا آهيون اگر انهن جهڙيون ڳالهيون اسان جهڙو عام شهري ڪري ته شايد پنهنجي گهر جا ڀاتي دوست ۽ پاڙي وارا به اسان کي سيکت ڏيندي دير نه ڪندا . ايندا سين اصل ڳالهه تي ته ڪجهه ڏينهن پهريان پيغمبري پيشي سان واسطو رکندڙ اسانجي استاد ڪراچي ۾ پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاء احتجاج ڪري رهيا هئا ته کين پوليس کي استعمال ڪندي حڪمرانن طاقت جو اهڙو استعمال ڪيو لڳي رهيو هو ڄڻ اسانجي حڪمرانن جو دشمنن سان واسطو پئجي ويو هجي ۽ هو پنهنجي سموري توانائي زور اتي لڳائي بيٺا ديس جي نياڻين کي وارن کان وٺي گهلي تشدد ڪري موبائلن ۾ گهلي نه صرف هنن جي تذليل ڪئي وئي پر پيغمبري پيشي سان تعلق رکندڙ نياڻين کي اهڙي سيکت ڏني وئي جو هو ٻئي ڀيري گهر کان ٻاهر نڪرڻ جو به نه سوچينديون .هيڏي وڏي ويڌن کان پوء استادن جا جائز مطالبا ته منظور نه ٿيا پر اسانجي تعليم واري وزير ڄام مهتاب ڏهر جو بيان ضرورو سامهون آيو وزير تعليم جو چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن اهي جعلي استاد آهن هنن جا مطالبا ڪيئن مڃجن؟  اسانکي سمجهڻ لاء وزير تعليم جي بيان جي صرف اها سٽ ئي ڪافي آهي باقي بيان تي نٿا اچون .. هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته احتجاج ڪندڙ استادن کي ڪهڙي  حڪومتي دور ۾ آرڊر ڏنا ويا سي به ڏوڪڙن عيوض. بقول ڄام مهتاب ڏهر جي ته پير مظهر جي دور ۾ جعلي ڀرتيون ٿيون آهن پير مظهر جنهن جو تعلق دادو ضلعي سان آهي ان وقت پيپلز پارٽي جي دور ۾ تعليم جو وزير هيو جنهن جي دور ۾ ڌڙاڌڙ تعليم کاتي ۾ آرڊر ڏنا ويا ڪي وڏيرن، ڪامورن ، ۽ پارٽي جي ڪرتن ڌرتن جي معرفت جنهن مان مٿي ذڪر ڪيل وڏين مڇين جي ماڻهن کي آرڊر ڏنا ويا باقي جيڪي عام ماڻهن کي آرڊر ڏنا ويا اهي لکين روپين جي عيوض وڪرو ڪيا ويا .

هاڻي اهي ئي ماڻهو آهن جن کي پير مظهر جي دور ۾ تعليم کاتي ۾ آرڊر مليا ۽ اهي ڊيوٽيون به ڪري رهيا آهن پرهنن کي پگهار ۽ ملازمن کي ملندڙ ٻيون مراعتون نه پيون ملن ۽ اهي پنهنجي جائز مطالبن لاء سنڌ جي اندروني شهرن مان ايندڙ استاد توڙي استادياڻيون ڪراچي پهتيون جن سمجهو هوندو ته سنڌ حڪومت قانون جي پاسداري ڪندي هنن جي جائز مطالبن لاء احتجاج ڪندي هنن جا مطالبا مڃيندي ۽ هو پنهنجا مطالبا مڃرائي واپس پنهنجي گهرن ڏانهن واپس ايندا .. اسان اهو نه ٿا چون ته جن استادن پنهنجي حقن لاء احتجاج ڪيو ۽ کين تشدد ۽ تذليل جو منهن ڏسڻو پيو انهن جا آرڊر سچا آهن يا ڪوڙا آهن . اسان اهو چون ٿا ته بقول تعليم واري وزير جي ته احتجاج ڪندڙ استاد جعلي استاد آهن ۽ هنن جا آرڊر جيڪي پير مظهر جي دور ۾ جاري ٿيا سي ڪوڙا آهن ته قبلا سائين اوهانجو تعلق گهوٽڪي ضلعي جي تعلقي اوٻاوڙو سان آهي اوهان اها خبر ته ضرور رکي آهي ته اهي آرڊر جعلي ۽ ڪوڙا آهن پر اها خبر رکي آهي ته اوهانجي ضلعي گهوٽڪي ۾ هن وقت ڪيترا اسڪول بند آهن ڪيترن اسڪولن جي بلڊنگ ئي ناهي ڪيترن اسڪولن ۾ پاڻي جي سهولت ئي ناهي ڪيترن اسڪولن ۾ واش روم ئي ناهن ڪيترن اسڪولن جا چوڪيدار ۽ پٽيوالا گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن اسڪولن جي بلڊنگ نه هئڻ ڪري اسان جي سنڌ جو مستقبل زمين تي هيٺ ويهي مسقبل جا خواب ڏسي رهيو آهي نياڻين جي اسڪولن ۾ واش روم ۽ پاڻي جي سهولت نه هئڻ جي ڪري اسڪول ۾ پڙهائيندڙ ماسترياڻيون ۽ تعليم حاصل ڪندڙ اسان جون نياڻيون ڪهڙين تڪليفن کي منهن ڏيئي رهيون آهن اهو حال نه صرف گهوٽڪي ضلعي جو آهي پر سموري سنڌ پرين جو پاڇو يعني  اوهانجو پاڇو لڳي پئي آهي سائين منهنجا سنڌي قوم کي اوهان ڪجهه ڏيئي نه ٿا سگهو ته مهرباني ڪري هن کي ڏکايو به نه ۽ هن جي تذليل ڪرڻ بند ڪيو ته اهو اوهانجو هن قوم تي احسان ٿيندو . ڏسڻو اهو آهي ته تعليم واري وزير جي ڏنل بيان تي ڪهڙو نوٽيس ٿو وٺجي اگر اهي جعلي آرڊر آهن ته انهن جي ذميوارن کي ڪهڙي سزا ٿي ملي بس تذليل جو شڪار استاد پيشو انهي جي انتظار ۾ هوندو .