پ پ سنڌ اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن: محمد نواز چانڊيو

news

ٽنڊومحمد خان: جمعو 15 ڊسمبر 2017: ٽنڊومحمد خان ضلعي ۾ اربين رپين جي لاڳت سان ٺهندڙ پلن کي جلد مڪمل ڪرائبو ته جيئن عوام کي فائدو حاصل ٿي سگهي ۽ سنڌ جي آبادگارن کي پاڻي جي سهولت معيسر ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار چيئرمين سيڊا محمد نواز چانڊيو ٽنڊومحمد خان ضلعي جي علي پور ريگيوليٽر، امام واهه ريگيوليٽر ۽ گوني ڪئنال تي پلن تي هلندڙ ڪمن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پيپلزپارٽي حڪومت سنڌ اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، جنهن جو مثال هي اربين رپين جي ماليت سان ٺهندڙ پلون، روڊ رستا ۽ ٻيا ترقياتي ڪم آهن.

اسان سنڌ جي ٽيل جي زميندارن کي پاڻي بابت سهولتون ڏينداسين. جڏهن ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي آبادگارن جي ڀلائي جا ڪم ڪري رهي آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي حڪم تي سنڌ جي آبادگارن جي سهولت لاءِ کين پنهنجي زمينن تائين پاڻي پهچائڻ جو بندوبست ڪيو آهي ته جئين سنڌ ۾ ٽيل جون زمينون بهتر نموني آباد ٿي سگهن. هن چيو ته سيڊا سڄي سنڌ اندر بهتر نموني پنهنجو ڪم جاري رکيو آهي، جنهن تحت پاڻي جي ورڇ صحيح نموني ۽ ننڊن واهن جي کوٽائي ڪري انهن کي ويڪرو بڻائي ۽ آبادگارن کي سهولتون ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن کي سستي اگهه تي ٻج ۽ ڀاڻ مهيا ڪندي.

هن چيو ته پيپلزپارٽي واحد جماعت آهي جيڪا ملڪ ۽ عوام جي ڳالهه ڪري ٿي، شهيد بينظير ڀٽو هن ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ محترما شهيد بينظير ڀٽو هن عوام جي خاطر پنهنجي جان جو نظرانو ڏنو. سندس ڇڏيل راهه تي اڄ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو عوام جي خدمت جا بهترين ڪم ڪري رهيو آهي. جڏهن ته جهرڪ ملاڪاتيار پل سوڌو ڪيتريون ئي ترقياتي اسڪيمون مڪمل ٿيون آهن ۽ جيڪو هلندڙ آهن انهن کي به جلد مڪمل ڪرايون وينديون.

هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سنڌ جي عوام جي بي لوث خدمت ڪري رهيو آهي. اڄ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تمام بهتر آهي ۽ سندس ڪوششن سان صحت، تعليم سوڌو سنڌ اندر ٻيون سهولتون ميسر آهن. ان موقعي تي ايم ڊي سيڊ ولي محمد نائچ، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جمال مڱڻ، جنرل مئنيجر جئي رام، سليم لغاري، حزب الله مڱريو سوڌو ٻيا آفيسر موجود هئا. 002