ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي عوام کي صحت جون ترت سهولتون ڪڏهن ملنديون؟

news

 ليکڪ: فوزيا سولنگي: ڇنڇر 16 ڊسمبر 2017ع:

پاڪستان دنيا جي انھن ملڪن ۾ شامل آھي جتي صحت جو سھولتون نه ھئڻ برابر آھن. ٻارن ۾ خوراڪ جي گهٽتائي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت جو جوڳو بندوبست نه ھئڻ شامل آھي. گڏيل قومن پاران ڊڪلئير ٿيل ملينم ڊولپمينٽ گولز جا تقريبن سڄي دنيا جي ملڪن گھربل نتيجا ۽ مقصد حاصل ڪري ورتا آھن، ايتري قدر جو اسان جي پاڙيسري ملڪن، جيڪي پاڪستان کان به غريب آھن، سريلنڪا ۽ بنگلاديش اھي نتيجا  حاصل ڪري چڪا آھن، پر بدقسمتي سان اڄ تائين پاڪستان ۾ پوليو جھڙو موذي مرض ختم نه ٿي سگھيو آھي. ان سموري صورتحال جو ذميوار ڪنھن ھڪ ماڻھو ۽ اداري کي نه ٿو ٺھرائي سگھجي پر ان لاءِ ملڪي پاليسيون سري کان سواليا نشان بڻيل آھن. پيپلز پارٽي جي پوئين حڪومت ۾ ارڙھين آئيني ترميم جي ڪري مختلف ادارن جا اختيار صوبن جي حوالي ڪيا ويا ھئا. ھن ترميم وسيلي نه رڳو اختيارن جي منتقلي ٿي پر معاشي وسيلن جو ھيٺئين سطح تي منتقل ٿيڻ پڻ شامل ھو. اڄ تائين ڇا اھي اختيار صوبن کي ڏنا ويا آھن، جواب نه ۾ ملندو. ان جا ڪيئي سبب ٿي سگھن ٿا ۽ ڪھڙيون ڌريون ايئن ڪرڻ کي سٺو سنئوڻ نٿيون سمجھن، اھو ھتي اسان جو موضوع ناھي. اسان ھتي فقط انھن مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين جن سان عام ماڻھو جو مفاد جڙيل آھي.

پاڪستان ۾ خاص طور ۽ سنڌ ۾ عام طور تي سرڪاري اسپتالن ۾ ھنگامي حالتن ۾ ڪھڙيون سھولتون موجود ھيون ۽ اھڙين حالتن ۾ انھن ادارن پنھنجو ڪردار ادا ڪيو اھا به سڀني کي خبر آھي. پشاور ۾ آرمي اسڪول تي ٿيل حملي ۾ معصوم ٻارن جون جانيون زيان ٿيون ۽ باقي جيڪي زخمي ٿيا انھن جو سرڪاري اسپتالن ۾ سٺو علاج نه ٿيڻ ڪري اهي موت جو کاڄ بڻجي ويا ۽ ڪيترين ئي مائرن جي هنج خالي ٿي وئي. اھڙي طرح ملڪ جون سرڪاري اسپتالون جيڪي ايمرجنسي ۾ عوام کي صحيح علاج جي سھولت مھيا نه ڪري سگھن ته پوءِ ان جو ذميوار ڪير آھي؟ سفارشي ڊاڪٽر، پيرا ميڊيڪل اسٽاف يا اتان جو عوام؟ ھن سڄي صورتحال جو جائزو وٺبو ته اھا ڳالھ ثابت ٿيندي ته سرڪاري ڊاڪٽر پنھنجي پرائيويٽ اسپتال کي وڌيڪ اھميت ڏيندي نظر ايندو ۽ سرڪاري ڊيوٽي کان پاڻ کي آجو سمجھندو. سرڪاري اسپتالن جو عملو گھڻو ڪري ويزا تي ويل ۽ پنھنجو ذاتي ڪاروبار ھلائيندي نظر ايندو. باقي رھيو عوام، ته ھو بروقت اھڙن مسئلن جي نشاندھي ڪرڻ پنھنجي ذميداري نٿو سمجھي. اھڙي صورتحال ۾ ڪجھ نام نھاد ساڃاھ وند سڏائيندڙ پنھنجي ٽڪي جي  مفاد خاطر عوام جي حقيقي مسئلن تي پرده پوشي ڪري خاموش ٿيو ويٺا آھن. ھو فقط ان موقعي جي تلاش ۾ ھجن ٿا ته ڪو ڀنڀٽ ٻري ته ان ۾ پنھنجي حصي جو ڪم ڪن.

سرڪار کي ھن موقعي تي تمام سنجيدگي سان سوچڻ گھرجي ته عوام جي صحت، تعليم ۽ سماجي انصاف بابت ڪنھن جي پريشر ۾ اچڻ کان پاسو ڪري ۽ پنھنجن ادارن جي پاڻ مالڪي ڪري. ھن موقعي تي علائقي جي چونڊيل نمائندن کي به پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. ھي پروگرام پيپلز پارٽي جي انھن پروگرامن جو حصو آھي، جيڪي عوام کي ڏيڻ لاءِ شھيد بينظير ڀٽو صاحبا وچن ڪيو ھو. پيئڻ جو صاف پاڻي، گھر/ اجھو، بي زمين ھارين کي ٻني، بيواھن ۽ لاچار عورتن کي وظيفا ڏيڻ شامل ھو. اسان کي حيرت ان ڳالھ تي ٿئي ٿي ته پيپلز پارٽي جو ھھڙو زبردست عوامي خدمت جو پروگرام، جنھن جي پٺ ڀرائي ۽ پذيرائي  آصف علي زرداري پاڻ ڪندو ھجي ۽ سنڌ جو وڏو وزير ان پروگرام ۾ پاڻ دلچسپي وٺندو ھجي ۽ اداري جي سطح تي وزير صحت ان کي ڏسندو ھجي ته پوءِ سرڪاري ڪامورن جي اھا مجال ھوندي ته ھو ان پروگرام کي ناڪام بڻائين!؟

سرڪاري اسپتالن جو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي آڌار تي سڀ کان پھرين ڪم خيبر پختونخواهه صوبي ۾ شروع ٿيو. ھن منصوبي کي به ناڪام بڻائڻ ۾ الاھي سارين ڌرين وڌي چڙھي حصو ورتو، پر انھن کي ناڪامي پلئه پئي. وري مٿان ڀلو ٿيو پي ٽي آءِ سرڪار جو، جنھن ان کي پنھنجي عوامي اوليتن ۾ جاءِ ڏني. ڪي پي ڪي ۾ اھو ڪم مختلف پرائيويٽ ادارن کي ھڪ پائليٽ پروجيڪٽ جي حيثيت ۾ ڏنو ويو ھو، جڏھن ان ۾ روڙا اٽڪايا ويا ته پوءِ عوام اٿي کڙو ٿيو ۽ پنھنجي لاءِ سستي علاج جي سھولت کي بحال ۽ برقرار رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻ شروع ڪيو، عوامي احتجاج ٿيا ۽ نيٺ سرڪار مجبور ٿي پئي. خيبر پختونخواهه صوبي ۾ صحت جون سھولتون ٻيھر عوام کي ڏيڻ شروع ڪيون ويون.سنڌ ۾ صحت جي ڪا چڱي صورتحال ڪانه ھئي. عوام سرڪاري اسپتالن کي عام طور ڪوس گھر چوندا ھئا. سرڪاري ڊاڪٽر پگھار اسپتالن مان کڻندا ھئا ته ڪم وري پنھنجي ذاتي اسپتالن ۾ ڪندا ھئا. بجيٽ گھڻو ڪري ھڙپ ڪئي ويندي ھئي. ڪوڙا، سچا بل ٺھرائي سرڪاري پئسي جو زيان ڪيو ويندو ھو.

سنڌ سرڪار پڻ خيبر پختونخواهه سرڪار جيان سرڪاري اسپتالن جو ساڳيو ڪم، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي اصول تي، ساک وارن ادارن کي سنڌ صوبي جون اسپتالون ڏيڻ جو ارادو ڪيو. ظاھر آھي ته ھھڙي ڪم کي ڪنھن اداري جي حوالي ڪرڻ کان اڳ ۾ ڏسي وائسي پڪ پڻ ڪرڻي ھئي ۽ ان ڪم لاءِ سنڌ سرڪار پنھنجي صحت کاتي جا سينيئر عملدار خيبر پختونخواهه اماڻيا ته ھو اتي جي صورتحال جو جائزو وٺي اچن. انھن عملدارن جيئن ۽ جيڪي ڪجھ ڏٺو ان جي رپورٽ پيش ڪئي. آخرڪار اھو ڪم انھن ادارن جي حوالي ڪيو ويو.

ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ اھو ڪم مرف (ميڊيڪل ايمرجنسي ريزيلينس فائونڊيشن) کي 2016ع جي نومبر ۾ ڏنو ويو. جتي سالن جو گند ھجي ۽ ذھني ڪوفت وارو ماحول ھجي، سرڪاري اھلڪارن ۾ ڪم ڪرڻ جو جذبو نه ھجي ته پوءِ عوام کي سستو ۽ بروقت علاج ڪيئن ٿو ڏئي سگھجي. ان صورتحال کي منھن ڏيڻ ڪا مزاق جي ڳالھ ڪونه ھوندي. اسان جي سماج ۾ اھا پراڻي ريت ھلندي پئي آئي ته غريب عوام کي صحت، تعليم ۽ ٻين شعبن جي فائدن کان ڪيئن محروم رکجي. ان ڪوشش ۾ سرڪاري صحت جون سھولتون ڏيڻ واري عملي کان ڊاڪٽرن تائين، سرڪار سان جٽ ٺيڪيدار، دوا مافيا، راشن مافيا ۽ اخلاقي ڏيوالو نڪتل گروهه ۽ ڪاموراشاھي کان وٺي جاھل وڏيراشاھي تائين سڀ جا سڀ نه صرف متفق عليه آھن پر ھڪ ٻئي جا ساٿاري پڻ آھن. روزانو ڪنھن نه ڪنھن ڏچي ۾ وڌو وڃي ٿو عام ماڻھو کي. ڪڏھن ھڙتال جي صورت ۾ ته ڪڏھن احتجاج جي صورت ۾. مرف کي ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جون سرڪاري اسپتالون ڏنيون ويون آھن. سرڪاري عملي جي موجودگي کانسواءِ باقي عملو مرف وارن ضرورت جي آڌار تي ڀرتي ڪيو آھي.

ھتي ھڪڙي ڳالھ واضع ھجي ته وزير صحت مرف انتظاميا کي سختي سان مقامي ماڻھو رکڻ لاءِ زور ڀريو ھو، ان تي ڪافي قدر عمل پڻ ٿيو آھي. باقي جيڪي ٽيڪنيڪل سائيڊ جون جايون آھن انھن تي ترجيح مقامي ماڻھن کي ڏيڻ ۽ اميدوار نه ھئڻ جي صورت ۾ پاڙيسري ضلعي جي ماڻھن کي نوڪرين ۾ رکڻ شامل ھو. عام ماڻھو کي علاج جون سھولتون ملڻ لڳيون آھن. اڳي جي ڀيٽ ۾ ڪا خاص نه سھي پر ڪا ته تبديلي ضرور آھي جو عام ماڻھو انھن سرڪاري اسپتالن ڏانھن اچي ٿو. ڊاڪٽرن جي موجودگي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، صحت جون سھولتون ڏيندڙ عملو جيڪو ڪن ورھين کان غائب ھو، اھو ھاڻي ظاھر ٿيو آھي. اڳي صفائي جو نالو نشان ڪونه ھوندو ھو ايتري قدر جو ڪمپائونڊر پنھنجو منھن به ڪونه ڌوئي ايندا ھئا ته صفائي جي عملي کان اسپتال جي صفائي جو ڪم ڪيئن وٺندا. انھن اسپتالن ۾ اڳ ۾ ڇا ٿيندو ھو ۽ اتي علاج جي حالت ڇا ھوندي ھئي، عوام ڪيترو ان عملي مان ۽ علاج مان مطمئن ھوندو ھو، اھي سڀ سوال پنھنجي جاءِ تي اھميت رکن ٿا. ان سموري صورتحال جو ويجھي کان مشاھدو ڪيم ۽ مون وٽ اين جي او جي ڪم کي شڪ جي نگاھ سان  ڏسڻ جو آئينو پڻ ھو. الاھي سارا دوست ڳالھيون ڪندا ھئا ته اين جي اوز جو ڪم مڙئي ڳڙ مٺائي ھوندو آھي. جڏھن زميني حقيقت کي پرکڻ جو موقعو مليو ته ھنن نتيجن تي پھتيس، عوام کي سستو ۽ تڪڙو علاج ڏيڻ وارو عمل فوري طور روڪڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏڻ. ھن عمل ۾ سرڪاري اھلڪار ۽ سماجي ڌنڌوڙي وڌيڪ سرگرم نظر آيا، سرڪاري ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جي عدم تعاون واري سوچ، جيڪا روائتي سرڪاري ادارن ۾ ڏٺي ويندي آھي، ته ڪوشش ڪري عوام کي پريشان ۽ محروم رکڻ ۾ کين دلي سڪون ملي.

سڀني اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ نظر آئي، پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته سنڌ سرڪار پاران بجيٽ وقت سر جاري نه ڪرڻ ۽ ان ۾ روڙا اٽڪائڻ شامل ھو. ھاڻي ھتي وري ٻيو سوال ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ حڪومت جو پنھنجو پروگرام ڦٽائڻ ۾ ڪھڙا ھٿ ملوث آھن، وڏو وزير گھٽ ۾گھٽ انھن کي تنبيهه ڪري ۽  پيپلز پارٽي جي علاج واري عوامي پروگرام کي خراب ۽ ناڪام بڻائيندڙ ھٿن کي وائکو ڪري سرڪاري مشينري جي اھڙي عدم تعاون واري سوچ سان ھڪڙي طرف عام ماڻھو کي ملندڙ علاج جي سھولت کان محروم رکڻ ۽ ٻئي طرف سرڪاري ڊسپينسرن ۽ صحت جون سھولتون ڏيندڙ عملي جي پاران عوام کي اسپتالون ھلائيندڙ اداري خلاف ڀڙڪائڻ ۽ مسئلا پيدا ڪرڻ بند ڪيو وڃي. اھو به ڏٺو ويو آھي ته سرڪاري ۽ اسپتال ھلائيندڙ اداري (مرف) جا ڊاڪٽر داخل مريضن کي پنھنجي ذاتي اسپتالن ڏانھن وڃڻ لاءِ زور ڀرين ٿا ۽ انھن جي مرضي خلاف  کين دٻاءُ پڻ ڪيو ٿو وڃي. مختلف اسپتالن ۾ ڪيترن ئي ڊسپينسرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي دوائون موجود ھوندي به مريضن کي نه ڏيڻ ۽ اھو چوڻ ته مرف وارا ڪجھ ڏين ئي ڪونه ٿا، توھان کي ڇا ڏيون؟ مرف وارا دوري تي اچي فقط صفائي کي چيڪ ڪن ٿا، باقي ست پيران دا خير، دوا ھجي نه ھجي پر صفائي ضروري آھي! ايتري قدر جو ڀنگين جو سپروائيزر بيٺو ڪچري جي ڪونڊي ڀرسان ھوندو ۽ ھيٺ پيل ڪاغذ ڪک کڻي ڪونڊي ۾ وجھڻ بدران پيو ڀنگي کي سڏيندو. حالانڪ اھو ڪم ھو پاڻ به ڪري سگھي ٿو، سرڪاري ۽ غير سرڪاري عملي جي پاڻ ۾ ٻڌي نه ھئڻ. ھڪڙا سرڪاري اھلڪار آھن ٻيا مرف جا ماڻھو، اھي ھڪٻئي تي ڪلٽيون ويٺا کائين ته ھي ڪم منھنجو ناھي، ھن اين جي او واري جو آھي وغيره.، اھا سوچ ٻنھي ڌرين لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندي. ڪنھن ايمرجنسي جي موقعي تي اھي ٻئي ڌريون عوام جي سامھون ھڪ ھونديون ۽ نا خوشگوار حالتن کي منھن به اھي ٻئي ڏيندا، عملي کي پيشيوراڻي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ گھرجي، صنفي فرق، رنگ، نسل، ٻولي ۽ قوم قوميت جي مت ڀيد کان مٿانھون ٿي ڪري خدمت ڪرڻ گھرجي.

آخر ۾ آئون ھن نتيجي پھتيس ته سنڌ سرڪار سٺو ۽ لاڀائتو فيصلو ڪيو آھي ته ھن عوام جي بنيادي ضرورتن جي پوئواري ڪئي آھي ۽ آئون سرڪار کي تجويز ڏينديس ته ھو اھڙن بيمار ادارن کي عوام جي مفاد ۾ فعال ۽ ڪارگر بڻائڻ لاءِ ڪوششون وٺي ۽ انھن ادارن ۾ ويٺلن مدي خارج سوچ وارن بيمار ذھنن کي فارغ ڪري، نئين امنگ، جذبي ۽ آزاد سوچ وارن ڪميٽيڊ ماڻھن کي موقعو ڏنو وڃي ته ھو پنھنجون خدمتون عوام لاءِ صرف ڪن.