آمريڪا جو هڪ اهڙو خاندان جنهن جنس مٽرائي نئين زندگي شروع ڪري ڇڏي

news

آمريڪي رياست ايروزونا جو هڪ خاندان اهڙو به آهي جنهن ۾ سڀني ڀاتين جي جنس تبديل ٿيل آهي، هن خاندان ۾ چار ڀاتي 41 سالن جو مڙس ڊينيل هيروٽ ڄمڻ وقت ڇوڪري هو پر اڳيان هلي هن جنس مٽرائي ۽ مرد ٿي ويو.

اهڙي طرح 62 سالن جي شيرلي آسٽن پيدائشي طور مرد هو پر جنس مٽرائي عورت ٿي ويو، سندن ٻن ٻارن 13 سالن جي ڌيءَ جوشوا ڇوڪرو پيدا ٿي پر سال اڳ جنس مٽرائي ڇوڪري ٿي وئي ۽ 11 سالن جو پٽ ميسن ڄمڻ وقت ڇوڪري هو پر پوءِ ڇوڪرو ٿي ويو.

هڪ انٽرويو ۾ آسٽن ٻڌايو ته سندس سڀ گهرڀاتين جنس مٽرائي آهي. جڏهن ته مڙس هيروٽ جو چوڻ آهي ته کيس لڳي ٿو ڄڻ هن کي نئين زندگي ملي آهي ۽ اسان پنهنجي ٻارن کي به ان ڳالهه جي اجازت ڏني آهي ته هو جنهن نموني وڻين پنهنجي زندگي گذاري سگهن ٿا.

هنن جو چوڻ آهي ته هڪ جنس اوهان جي ذهن ۾ هوندي آهي ۽ ٻي پيدا ٿيڻ وقت اوهان جي جسم سان ايندي آهي.

گذريل سال جوشوا ڇوڪرين جي اسڪائوٽ ڪيمپ ۾ وڃڻ ٿي چاهيو جنهن کانپوءِ هي خاندان جنس مٽائڻ واري اصلاح کان آگاهه ٿيو، ان کانپوءِ جوشوا ڇوڪري ۽ مشن ڇوڪرو ٿي ويو، ان تي سندن والدين به پنهنجي پنهنجي جنس مٽرائي ڇڏي.