صنفي اڻ برابري جو شڪار معاشرو

news

ڇنڇر 23 ڊسمبر 2017ع: ليکڪ: محمد موسيٰ چانڊيو

عام طور تي اهو چيو ويندو آهي ته اسان جي معاشري ۾ عورت کي مرد جي برابر حق نه ٿا ڏنا وڃن پر جيڪڏهن صنفي برابري جي ڳالهه ڪجي ته اتي مرد توڙي عورت ٻئي ڪٿي نه ڪٿي صنفي اڻ برابري جو شڪار رهن ٿا پر سڀ کان وڌيڪ عورت ئي صنفي اڻ برابري جو شڪار رهي ٿي صنفي اڻ برابري جيڪا سماج جي ناڪاري ريتن رسمن جي ڪري به ٿئي ٿي ان ۾ عورتن کي صنف جي بنياد تي  گهربل حق نه ٿا ملن.

صنف ۽ جنس ٻه الڳ الڳ شيون آهيون جنهن کي اسان اڃا تائين چڱي طرح سمجهي ئي نه سگهيا آهيون، تمام گهڻن هنڌن تي Sex (جنس)Gender (صنف) کي رڳو   Sex(جنس) جي جاءِ تي لکيو يا پڙهيو ويندو آهي   Sex يا   Gender واري خاني اڳيان اڪثر ڪري مرد يا عورت لکيو ويندو آهي صنف ۽ جنس واري فرق بابت  تمام وڏي پئماني تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ان ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي ته جنس ۽ صنف ۾ ڪهڙو فرق آهي ته ان کي تمام سولائي سان سمجهي سگهجي ٿو،هڪ جملي ۾ لکجي ته ”جنس“ قدرتي ۽ ”صنف“ معاشرتي آهي، يعني ٻار جي ڄمڻ وقت ان جي جنس ظاهر ٿئي ٿي ته هو ڇوڪرو ۽ ڇوڪري آهي يا قدرت جي نرالي جنس آهي. انهي لاءِ اسين ان کي قدرتي چئون ٿا پر صنف اڃان  الڳ آهي  اسان  جي معاشري پاران مرد ۽ عورت لاءِ الڳ الڳ صنفي اصول جوڙيا ويا آهن هڪ ننڍڙي مثال موجب عورت رڳو گهريلو ڪمن ڪارن لاءِ آهي ۽ مرد ٻاهر ڪم ڪري گهر پئسا ڪمائڻ لاءِ هوندو آهي ڇا ائين نه ٿو ٿي سگهي ته مرد ۽ عورت ٻئي صنفي برابري تحت گڏجي ڪم ڪن پوءِ اهو گهريلو ڪم هجي يا پوءِ زندگي جون ٻيون پورتون ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نوڪري ڪري پئسا ڪمائڻ وارو ڪم هجي، اهڙي صنفي اڻ برابري، صنفي تشدد، صنفي انصاف، معاشري جي ناڪاري روين کي هاڪاري روين ۾ تبديل ڪرڻ ۽ صنف ۽ جنس ۾ فرق واضح ڪرڻ لاءِ عالمي سطح تي گذريل 20 سالن کان  ڪم هلي رهيو آهي،  ان  بابت عالمي سطح تي پروگرام H کي پرومونڊو ((PROMONDO نالي تنظيم ۽ ان جون شريڪ تنظيمون هلائي رهيو آهن.

هن مهل پاڪستان جي رڳو ٻن ضلعن پنجاب جي ملتان ۽ سنڌ جي جيڪب آباد ضلعي ۾ ”رٽگرس پاڪستان“ نالي هڪ اداري پاران هڪ منصوبو پريوينشن پلس هلايو  پيو  وڃي جيڪب آباد ۾ اهو منصوبو مقامي تنظيم ڪميونٽي ڊولپمينٽ فائونڊيشن (سي ڊي ايف) پاران هلايو پيو وڃي جنهن وسيلي هو اهڙي ڄاڻ اتي پهچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جتان اهو پيغام تمام تڪڙو ۽ با آساني عام ماڻهو بلخصوص نوجوان طبقي تائين پهچي سگهي ته عالمي سطح تي اها ڳالهه مڃي وئي آهي ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي جو راز صنفي برابري، طاقت جو منصفاڻو استعمال، وسيلن تائين پهچ  ۾ لڪيل آهي.

پاڪستان ۾ صنفي برابريءَ جي شڪل تمام خراب آهي ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ پاڪستان کي صنفي برابري جا تقاضا پورا نه ڪندڙ ملڪن ۾ پهريون درجو ڏنو ويو آهي، هڪ اندازي موجب پاڪستان ۾ هر 37 منٽن اندر هڪ عورت ويم دوران فوت ٿي وڃي ٿي، پاڪستان ۾ هر ٽئين عورت کي مختلف قسمن جي تشدد کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، پاڪستان ۾ 21 سيڪڙو نياڻين جون شاديون 18 سالن کان گهٽ عمر ۾ ڪرايون وڃن ٿيون ۽ پٽن جي ڀيٽ ۾ نياڻين کي ان سوچ سان تعليم به گهٽ ڏياري وڃي ٿي ته آخر هن کي ڪنهن ٻئي جو گهر وسائڻو آهي ۽ گهريلو ڪم ڪار ڪرڻو آهي ايتري تعليم جي ضرورت ڪهڙي آهي، عورت جي ويم دوران موت هجي، نياڻي جي گهٽ تعليم توڙي ٻالڪپڻي ۾ شادي به معاشري جا صنفي ناڪاري رويا آهن. اسان جي معاشري ۾ مردانگيءِ جا ناڪاري تصور جڙيل آهن مثال طور جيئن مردانگي لاءِ اهو تصور ڪيو ويندو آهي ته مرد يا مڙس ماڻهو اهو آهي جيڪو عورت کي پنهنجي اتاب ۾ رکي هرو ڀرو جو رعب ۽ دٻ دٻو  بڻائي رکي، اهو فرق به قدرتي نه معاشرتي آهي مڙس پڻو يا مردانگي ان ۾ ظاهر نه ٿي ٿئي مرد عورت مٿان ظلم ڪري ۽ ننڍي ننڍي ڳالهه تي هٿ کڻي ان بجاءِ عورت کي عزت ۽ هم آهنگي وارو رشتو به ڏئي سگهجي ٿو  جنهن کي صنفي برابري ڪوٺجي ٿو.

سال 2012ع ۾ پاڪستان ۾ صنفي تشدد، جسماني تشدد، تيزاب سان ساڙڻ، جنسي يا ذهني طور هيسائڻ جا هڪ اندازي موجب 10 هزار 70 واقعا رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته رپورٽ نه ٿيندڙ واقعن جي انگن اکرن جو اندازو ئي نه ٿو لڳائي سگهجي. معاشري پاران قائم ڪيل ناڪاري صنفي اصولن يا روين کي هاڪاري صنفي اصولن يا روين ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو عورت پاران پنهنجي ٿڃ مان ٻار کي کير پيارڻ قدرتي آهي پر بوتل وسيلي کير پيارڻ قدرتي نه آهي جيڪڏهن ڪو کير پياڪ ٻار بکيو هجي ۽ سندس امڙ ڪنهن مجبوري سبب ويجهو نه هجي ته سندس پيءَ ان کي بوتل ذريعي کير پياري والد هجڻ جو فرض ادا ڪري سگهي ٿو پر اسان جي معاشري جي قائم ڪيل ناڪاري روين سبب اڪثر مرد ان طعني کان ڊنل هوندا آهن ته معاشرو  ڇا چوندو  زاعفاڻا ڪم ٿو ڪري!.

هڪ جائزي موجب قديم مصر ۾ مرد گهرن جو ڪم ڪندا هئا ۽ عورتون خانداني ڪاروبار سنڀالينديون هيون ۽ مردن بجاءِ عورتون ورهاست ۾ ملڪيت وصول ڪنديون هيون جڏهن ته مختلف ملڪن جي تقريبن 224 ثقافن مان رڳو 5 ثقافتن ۾ مرد کاڌو پچائيندا آهن.

اسان جي ٻهراڙي واري علائقي ۾ لابارو، رونبو، ساٽي، ٻج  ڇٽڻ سميت هارپي ڪم ۾ تقريبن 50 کان 60 سيڪڙو ڪم عورتون به ڪن ٿيون پر ان ڪم مان ٿيندڙ ڪمائي مان عورت کي باقائده حصو نه ٿو ڏنو وڃي هڪ رپورٽ موجب عالمي سطح تي به 67 سيڪڙو عورتون ڪم ڪن ٿيو پر انهن کي ڪمائي جو 10 سيڪڙو حصو ملي ٿو.

صنفي اڻ برابري واري ناڪاري روين کي هاڪاري روين ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ اهو تمام گهڻو ضروري آهي ته ان پيغام کي عام ڪيو وڃي ته عورت رڳو گهريلو ڪم ڪارن لاءِ نه آهي ۽ مردانگي يا مڙس ماڻهو اها مراد نه آهي ته مرد ڪو ظالم يا عورتن تي ظلم ڪندڙ جو نانءُ آهي اسان کي پنهنجي معاشري ۾ ورهين کان رائج  مردانگي بابت تصورن  کي تبديل ڪرڻو آهي ته جيڪڏهن هڪ عورت رڳو گهريلو ڪم ئي ڪري ٿي ۽ مرد ٻاهريون ڪم ڪار ڪري ٿو ته مرد عورت جي گهريلو ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائي سگهي ٿو ۽ عورت پڻ پنهنجي مڙس، ڀاءُ يا پيءُ جو مالي طور تي هٿ ونڊائي سگهي ٿي، مرد کي پڙهائڻ سان رڳو هڪ فرد پڙهي ٿو ۽ عورت کي پڙهائڻ سان سمورو معاشرو پڙهيل لکيل بڻجي وڃي ٿو جيڪڏهن رڳو ان مثال تي ئي عمل ڪجي ته هاڪاري صنفي ريتون رسمون رائج ڪري صنفي انصاف قائم ڪري سگجهي ٿو.