شهيد راڻي جي ڪرشماتي شخصيت ۽ عوام مٿان اعتماد وارو اصول

news

 

ليکڪ: مسرور سيال 

اربع 27 ڊسمبر 2017ع

جڏهن اِها خبر آئي هئي ته پنڊي جي لياقت باغ ۾ سنڌ جي راڻي محترمه بينظير ڀٽو تي حملو ڪيو ويو آهي ۽ محترمه شهيد ٿي وئي آهي ته هر ٻڌندڙ جي پيرن هيٺان زمين نڪرندي محسوس پئي ٿئي هرڪو جذباتي نظر پئي آيو هر اک آلي نظر پئي آئي پار ۽ سڏڪن جا آواز ٻڌڻ پئي آيا ماڻهو گھرن مان نڪري آيا هئا شهر ، بازارون ، گھٽيون چوڪ چوراها ماڻهن سان ڀريل هئا عورتون به درن کان ٻاهر  پريشاني جي حالت پئي  ڏسندي نظر آيون ائين پئي لڳو ڄڻ ڪو وڏو زلزلو آيو هجي سڀ ماڻهو جان بچائڻ خاطر گھرن مان ٻاهر نڪري آيا هجن  ها اِها حقيقت هئي ته هي وڏو زلزلو هو محترمه جي شهادت ڌرتي کي لوڏي ڇڏيو هو اِهو ئي سبب هو جو ماڻهن اُهو ردِ عمل ظاهر ڪيو جو دنيا دنگ رهجي وئي ۽ جن سمجھيو هو ته بينظير جي هن دنيا ۾ نه رهڻ سان ماڻهو مايوس ٿي گھرن ۾ رهجي ويندا سندن قيادت نه هجڻ سبب هُو قيادت سنڀالي آساني سان عوام مٿان حڪمراني ڪندا رهندا.

پر ائين ٿيو ڪونه هنن جي  سوچ کي اُن وقت ڀونڊو آيو هو جڏهن سنڌ سميت سمورو ملڪ ٻري اٿيو هو ۽ دنيا تعجب منجھان آڱر وات ۾ وجھي پاڪستاني حڪمرانن ڏانهن ڏسي رهي هئي ته هنن اهڙي شخصيت وڃائي آهي جيڪا صدين ۾ پيدا ٿيندي آهي پر محترمه بينظير ته اُها شخصيت آهي جيڪا هڪ صدي ڇا ڪيترين صدين جا سفر طئي ڪرڻ کانپوءِ به نه ملي سگھندي آهي.

بينظير ڀٽو جھڙي قيادت ڪنهن سڌريل ملڪ ۾ هجي ها ته اتان جو عوام ۽ اتان جي اسٽيبلشمنٽ وڌيڪ ترقيءَ جو سفر طئي ڪرڻ لاءِ سندس اڳواڻي کي قبول ڪندي اڳتي وڌي ها ۽ هن جي  حفاظت وطن جي حفاظت جيان ڪري ها وطن جي حفاظت لاءِ جان گھوري ويندي آهي قربانيون ڏنيون وينديون آهن پنهنجي رت جي ريج سان وطن جي سرحدن جي حفاظت ڪئي ويندي آهي پر ڪي وري شخصيتون اهڙيون هونديون آهن جن مٿان وطن گھوريا ويندا آهن ڇو ته رهبر هوندو ته وطن به رهندو جي رهبر ئي نه رهندو ته وطن به نه رهندو آهي اُهو ئي سبب هو جو جڏهن محترمه جي شهادت جي خبر آئي هئي ته ماڻهن جي زبان تي اِهو نوحو به هو ته سنڌ جي راڻي بنا هاڻ جئيڻ ڇاجو ......!

بينظير ڀٽو جيڪا پنهنجي بابا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پنڪي هئي جنهن لاءِ جيل مان به شهيد ڀٽي خط لکيو هو ۽ کيس وصيتون ڪيون هيون انهن وصيتن مان هڪ اِها به هئي ته پنڪي طاقت جو سرچشمو عوام آهي تون مون منجھان آهين، مان تنهنجو هٿ عوام جي هٿ ۾ ڏيان ٿو ،  عوام مٿان اعتماد ڪجائين ۽ محترمه رڳو اعتماد نه ڪيو پر اعتماد کي پختگي به ڏني ان پختي اعتماد جو نتيجو هو ته آمرن کيس جلا وطن ڪيو پر هوءَ پوري اعتماد سان واپس ايندي رهي.

اڄ جڏهن محترمه کي اسان کان وڇڙئي ڏھه سال گذري ويا آهن پر اُهو اعتماد اڄ به نه ٽٽو آهي ان جو واضح ثبوت اِهو آهي ته عوام وري به شهيد راڻي جي نالي تي ووٽ ڏئي ٿو ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪري ٿو، شهيد راڻي جي نالي تي ووٽ وٺي اقتدار ۾ ايندڙ سندس پارٽي اڳواڻ عوام مٿان ڪيترو اعتماد ڪري ٿو ۽ عوام مٿن ڪيترو اعتماد ڪري ٿو اهو الڳ بحث آهي پر عوام جو محترمه تان ويساھه نه ٽٽو آهي شهيد راڻي جھڙي نموني چمڪندڙ چهري واري ۽ عوام جي خوشحالي رکندڙ خماريل اکين واري هئي سندس نگاهن ۾ اُهو ڪرشمو هو جو جنهن ڏانهن نهاريندي هئي اُهو ادب مان چهرو جھڪائي ڇڏيندو هو سندس ڪلام ۾ اهو اثر هو جو مخالف به سندس سچائي جي گواهي ڏيندو هو بينظير جيئن نالي ۾ بينظير هئي تئين ڪردار ۾ گفتار ۾ به بينظير هئي هوءَ سياسي ليڊر سان گڏ هڪ مست ملنگياڻي هئي تڏهن ته بي خوف هئي سندس وجود کان آمر به خوفزده هوندا هئا بينظير عوام لاءِ سڪون جي نظر هوندي هئي سندس سياست ۾ اخلاقي قدر بي مثال هوندا هئا اڄ جڏهن بينظير ڳڙهي خدا بخش جي قبرستان ۾ دفن آهي تڏهن به عوام جي دلين تي حڪمراني ڪندي نظر اچي ٿي.

عوام جي دلين تي حڪمراني ڪرڻ ڪو هر ڪنهن جي وس جي ڳالھه ناهي هوندي اسان جي ملڪ ۾ سواءِ ڀٽو خاندان جي ٻيو ڪير به اهڙو سياستدان ۽ سياسي ليڊر نه گذريو آهي جنهن عوام جي دلين تي حڪمراني ڪئي هجي . محترمه کي ڄڻ ورثي ۾ مليل هو ان ڪري ته اڳ سندس شهيد بابا به عوام جي دلين تي حڪمراني ڪري چڪو هو جنهن جي ڇاپ اڄ به نظر اچي ٿي.

حقيقيت ۾ ڏسجي ته شهيد راڻي جيڪو فڪر ڏنو ۽ جنهن فڪري سوچ رکندي شهادت ماڻي ان جو قدر نه ڪيو ويو آهي سندس پارٽي کي سنڌ ۾  ٻه ڀيرا اقتدار مليو هڪ ڀيرو وفاق ۾ حاڪميت ڪري چڪي ۽ هاڻ چونڊن ڏانهن وقت وڌي رهيو آهي ۽ امڪان آهي ته سنڌ سميت وفاق ۾ به  پ پ حڪومت جوڙي. تنهن هوندي به عوام ساڳي غربت ، بيروزگاري ، جي ور چڙهيل آهي کين بنيادي سهولتون نه ڏنيون ويون آهن شهر کنڊرات ۾ تبديل نظر اچي رهيا آهن ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪيا ويا آهن پارٽي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن بجاءِ فيصلا وڏيرا ڪري رهيا آهن پارٽي اجلاس پارٽي آفيسن بجاءِ وڏيرڪي اوطاقن تي ڪيا پيا وڃن، ڀوتارڪي سوچ هڪ دفعو ٻيهر مضبوط ٿي رهي آهي جنهن کي شهيد ڀٽو ۽ شهيد راڻي ڪمزور ڪيو هو ڀوتار به پارٽي قيادت اڳيان بي وس بڻيل نظر ايندو هو اڄ پارٽي ڪارڪن ۽ اڳواڻ ڀوتار اڳيان بي وس نظر اچي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾  اِهو سوال ڪري سگھجي ٿو ته ڇا موجوده پ پ پ شهيد راڻي جي ان فڪري سوچ سان سلهاڙيل نظر اچي ٿي يا نه ......؟

جي نه ته پوءِ اِهو به چئي سگھجي ٿو ته شهيد راڻي مٿان عوام جو اعتماد اڄ به برقرار آهي پر سندس پارٽي اڳواڻن جو اعتماد مٿس ڪمزور نظر اچي رهيو آهي ۽ اهڙي ڪمزور اعتماد رکندڙ پارٽي جڏهن محترمه جي ڏهين ورسي ملهائي رهي آهي ته اتي کين اِهو به سوچڻ گھرجي ته ڪمزور اعتماد ڪاميابي جا دروازا بند به ڪري ڇڏيندو آهي . تنهن ڪري کين اعتماد جي پختگي طرف واپس اچڻو پوندو ۽ حقيقي معنيٰ ۾ طاقت جو سرچشمو عوام کي ئي سمجھڻو پوندو ، عوام مٿان شهيد راڻي جيان اعتماد ڪرڻو پوندو ۽ عوام کان به اعتماد وٺڻو پوندو پارٽي کي ورڪرن جي پارٽي ۽ ورڪرن مان قيادت ڏيڻي پوندي پارٽي ورڪرن توڙي اڳواڻن کي ڀوتارڪي اوطاقن مان ڪڍي پارٽي آفيسن ۾ واپس آڻڻو پوندو پارٽي جي مقامي قيادتن کي اختيار ڏئي عوام جي خدمت وارو اعتماد بحال ڪرڻو پوندو ٻئي صورت ۾ شهيد راڻي جي فڪري سوچ کي ڪمزور ڪرڻ جا ذميوار خود سندس پارٽي جا اڳواڻ ئي هوندا جيڪي عوام مٿان اعتماد واري اصول بجاءِ ڀوتارن مٿان اعتماد وارا رويا مضبوط ڪري رهيا آهن جيڪو هر حوالي سان خطرناڪ عمل آهي ، پارٽي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري کي هن خطرناڪ عمل جو رستو روڪڻ جو اعلان ڪرڻ گھرجي پارٽي کي ڀوتارڪي اوطاقن ۽ ڊرائنگ رومز مان ڪڍڻ گھرجي.