آمريڪي عوام پاڪستان سان تعليم ۽ تحقيق جي سلسلي ۾ مضبوط لاڳاپا ڪرڻ چاهي ٿي: گريس شيلٽن

news

ڄامشورو: سومر 08 جنوري 2018:مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عُقيلي چيو آهي ته علم پرائڻ هڪ نه کٽندڙ سلسلو آهي، جنهن سان انسان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ، پاڙيسرين کي ڄاڻڻ ۽ ڪائنات جي پر اسرار پهلوئن جي ڄاڻ حاصل ڪري ٿو ۽ ڪندو رهندو.

هن چيو ته دنيا اندر هاڻي يونيورسٽيون پنهنجي لاڳاپيل قومن، صنعتي ادارن ۽ حڪومتن سان گڏجي عام ماڻهو جي زندگي ۾ وڏي ۽ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ ڪوشان آهن ۽ مهراڻ يونيورسٽي پڻ ان ڌارا ۾ شامل آهي. هن اهڙو اظهار مهراڻ يونيورسٽي جي واٽر سينٽر (يو ايس پڪاس ڊبليو) جي آڊيٽوريم هال ۾ 21 ڪانووڪيشن جي چوٿين سيشن ۽ واٽر سينٽر جي پهرين گريجوئيشن ڊگري ورهائڻ واري تقريب ۾ مهمانِ خاص جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو.

هن چيو ته ملڪ اندر پاڻي انتظامن کي بهتر بڻائڻ ۽ پاڻي مسئلن جو سستو ۽ پائيدار حل ڳولهڻ جي سلسلي ۾ پاڻي متعلق هڪ اعلىٰ تدريسي ۽ تحقيقي سينٽر قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ مهراڻ يونيورسٽي کي چونڊيو ويو ۽ ٽي سال اڳ يونيورسٽي اندر بين الاقوامي ترقي لاءِ ڪم ڪندڙ آمريڪي اداري (USAID) جي مالي سهڪار ۽ آمريڪي يوٽا يونيورسٽي جي فني سهڪار سان يو ايس پاڪستان سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽڊيز اِن واٽر نالي هي واٽر سينٽر قائم ڪيو ويو، جڏهن اڄ هن واٽر سينٽر توڙي مهراڻ يونيورسٽي جو تاريخي ڏينهن آهي جو هن سينٽر پاران 31 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ايم ايس جي ڊگري ڏني پئي وڃي.

هن چيو ته ڊگري حاصل ڪندڙ ستر سيڪڙو شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پڙهائي مڪمل ڪرڻ دوران ئي نوڪريون ملي ويون آهن جڏهن ته ٽن کي آمريڪا جي مختلف يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپ تي پي ايڇ ڊي ۾ داخلا ملي وئي آهي جن مان ٻه هڪ شاگرد ۽ هڪ شاگردياڻي اڳ ۾ ئي آمريڪا وڃي چُڪا آهن.

وائيس چانسلر چيو ته هن واٽر سينٽر پاران پاڻي انتظامن، آبپاشي ۽ نڪاسي، ماحوليات توڙي صفائي سُٿرائي جي نظام کي تحقيق جي بنياد تي بهتر بڻائڻ جي سلسلي ۾ چئن مختلف پروگرامن ۾ ايم ايس ۽ پي ايڇ ڊي ڪرائي پئي وڃي، جڏهن ته پڙهائي دوران هوشيار ۽ محنتي شاگردن کي هڪ سميسٽر لاءِ آمريڪا جي هن سينٽر جي ڀائيوار يوٽا يونيورسٽي توڙي ڪولاراڊو يونيورسٽي ڏانهن ايڪسچينج اسڪالرشپ تحت پڻ موڪليو پيو وڃي.

هن چيو ته ان سلسلي ۾ ايڪسچينج پروگرام تحت اڱاري رات جو 22 شاگرد توڙي شاگردياڻيون آمريڪا روانا ٿي رهيا آهن. ڊاڪٽر محمد اسلم عُقيلي چيو ته هن واٽر سينٽر پاران قومي توڙي صوبائي حڪومتن سان گڏجي ملڪ اندر پاڻي مسئلن سان لاڳاپيل مسئلن جو جٽادار حل ڳولهيو پيو وڃي جڏهن ته سينٽر مان تعليم حاصل ڪندڙ پاڻي ماهرن جون ان سلسلي خدمتون پڻ حاصل ڪيون پيون وڃن.

ان موقعي تي وائيس چانسلر هائير ايجوڪيشن ڪميشن، سنڌ حڪومت، يوٽا يونيورسٽي، يو ايس آءِ ڊي پاران فراهم ٿيندڙ سهڪار جو شڪريو ادا ڪيو. تقريب اعزازي مهمان جي حيثيت سان آمريڪي قونصل جنرل ڪراچي گريس شيلٽن خطاب ڪندي چيو ته هن سينٽر مان تعليم پوري ڪندڙ نوجوان ملڪ جي پاڻي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا جڏهن ته هن سينٽر مان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ اتساهه جو سبب بڻجندا.

هن چيو ته آمريڪي عوام پاران پاڪستان جي عوام سان مضبوط رابطا قائم ڪرڻ، گڏيل لاڳاپن توڙي تعليم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ ڀرپور سهڪار فراهم ڪرڻ تي يقين رکي ٿي. ان موقعي هن مهراڻ يونيورسٽي جي انتظامي،  حڪومتِ پاڪستان، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، سنڌ حڪومت توڙي يوٽا يونيورسٽي پاران هن سينٽر کي مدد ڪرڻ تي شُڪريو ادا ڪيو.

ان موقعي آمريڪا جي يوٽا يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر طارق بنوري اعزازي مهان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چيو ته مهراڻ يونيورسٽي جي واٽر سينٽر کي يوٽا يونيورسٽي پاران شاگردن لاءِ ايڪسچينج پروگرام توڙي فئڪلٽي جي ڪئپيسٽي بلڊنگ جي سلسلي ۾ ڀرپور سهڪار فراهم ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته معاشري ۾ بهتري آڻڻ جي سلسلي ۾  اسان کي بهتر ڪم ڪرڻ جي عادت وجهڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته هن واٽر سينٽر جي ڪاميابي ۽ پائيداري انهن شاگردن تي منحصر آهي جيڪي هتان ڊگري وٺي ملڪ اندر پاڻي مسئلن جو جٽادار حل ڳولهيندا. ان موقعي تي ڊگري وٺندڙ شاگردن مان سُهيل رضا سينٽر اندر توڙي آمريڪي يوٽا يونيورسٽي ۾ ايڪسچينج جي سلسلي ۾ پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته هن سينٽر ۾ پڙهائي دوران کيس ملڪ جي مختلف علائقن جي شاگردن سان ملڻ ۽ گڏيل طور تي ملڪ جي پاڻي مسئلن جي حل لاءِ تحقيق ڪرڻ جا موقعا مليا جڏهن ته يوٽا يونيورسٽي ۾ هڪ سيميسٽر پڙهائي توڙي تحقيق جي سلسلي ۾ آمريڪي پروفيسرن جي وڌ ۾ وڌ مدد حاصل هئي.

ان موقعي تي هن مهراڻ يونيورسٽي جي واٽر سينٽر جي فئڪلٽي توڙي مئنيجمنيٽ پاران ڀرپور تعاون جي سلسلي ۾ واکاڻ ڪئي. واٽر سينٽر جي گريجوئيشن تقريب ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلرس، ڊين، سينئر فئڪلٽي، ڪنٽرولر، رجسٽرار، صنعتي ۽ سول سوسائيٽي جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي.

واٽر سينٽر ۾ ڊگري ڪورس دوران تعليمي توڙي تحقيقي سرگرمين ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ ارم صفت، دانيال حسن ۽ دانيال عزيز کي بهترين ڪارڪردگي جا سرٽفيڪيٽ ۽ يادگار شيلڊون پڻ ڏنيون ويون.