عاصما جهانگير جي زندگيءَ تي هڪ نظر

news

 حيدرآباد: آچر 11 فيبروري 2018ع: نامياري قانوندان ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙ ڪارڪن عاصمه جهانگير 11 فيبروري تي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي. سندس ذاتي عملي مطابق عاصمه جهانگير کي دل جو دورو پوڻ سبب آچر تي منجهند جو 12 وڳي هڪ مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي هوءَ وفات ڪري وئي. سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر عاصمه جهانگير جي عمر 66 سال هئي. هن 27 جنوري 1952ع ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم ڪانوينٽ آف جيسز اينڊ ميري اسڪول ۾ حاصل ڪئي، جنهن بعد بي اي ڪينئر ڪاليج ۽ ايل ايل بي پنجاب يونيورسٽي مان 1978ع ۾ حاصل ڪئي.  هن 1980ع ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ 1982ع ۾ سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. 1980ع ۾ هن پنهنجي ڀيڻ حنا جيلاني ۽ ٻين عورتن سان گڏجي پاڪستان جو پهريون عورتن تي مشتمل وڪالت جو ادارو به شروع ڪيو. سندس شادي ڪاروباري شخصيت طاهر جهانگير سان ٿي. عاصما جهانگير جو نالو ملڪي سياست جي بلندين تي ننڍي عمر ۾ ئي ٿيو، جڏهن ڊسمبر 1972ع ۾ ان جي پيءُ ملڪ غلام جيلاني کي ان وقت جي فوجي آمر يحييٰ خان جي حڪومت مارشل لا جي قانون تحت حراست ۾ ورتو هو. عاصمه جهانگير پنهنجي پيءُ جي آزادي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ۽ ايندڙ سال يحييٰ خان جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ان ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو، جنهن ۾ فوجي حڪومت کي غيرقانوني ۽ يحييٰ خان کي ”غاصب“ قرار ڏنو ويو. عاصمه جهانگير کي 1983ع ۾ آمر ضياءَ الحق جي فوجي حڪومت دوران سياست ۽ بنيادي حقن جي بحالي واري مهم ۾ حصو وٺڻ تي نظربند پڻ ڪيو ويو هو. عاصمه جهانگير 2007ع ۾ شروع ٿيل وڪيلن جي مهم ۾ پڻ سرگرم ڪردار ادا ڪيو، جنهن سبب کيس نظربند ڪيو ويو. عاصمه جهانگير کي انساني حقن واري ڪميشن ۽ وومينز ايڪشن فورم جي بانين ۾ پڻ شمار ڪيو ويندو آهي. عاصمه جهانگير جيل ڪاٽڻ دوران به اقليتن، عورتن ۽ ٻارن جي حقن جا ڪيس پڻ وڙهيا، کيس هلال امتياز ۽ ستاره امتياز سميت ٻيا ڪيترائي قومي ايوارڊ ۽ گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو پاران به ايوارڊ پڻ ڏنا ويا. جڏهن ته عاصمه جهانگير کي 2014ع ۾ رائٽس لائيولي، هوڊ ايوارڊ ۽ 2010ع ۾ فريڊم ايوارڊ، 1995ع ۾ رامون ميگ ايوارڊ پڻ مليو. عاصما جهانگير کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا غداري ۽ توهين مذهب جا الزام به لڳا ۽ هن جي گهر تي ڪيترائي ڀيرا حملا پڻ ٿيا. عاصمه جهانگير سوڳوارن ۾ هڪ پٽ ۽ 2 ڌيئون ڇڏيون آهن.