ترڪي ۾ اسڪالرشپ جا موقعا

news

 ليکڪ: ڊاڪٽر ابو محمود (اربع 14 فيبروري 2018ع)  موجوده دور ۾ ترقي يافتا ملڪن وچ ۾ ٻاهرين ملڪن جي شاگردن کي پنهنجي ملڪ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏيارڻ لاءِ هڪ قسم جي ڊوڙ لڳي پئي آهي، ڇو جو ان سان کين ٻه وڏا فائدا حاصل ٿين ٿا، هڪ ته ان سان سندن ثقافت ٻين ملڪن ۾ متعارف ٿئي ٿي ۽ ٻيو کين ورڪ فورس مهيا ٿئي ٿو، جنهن کي هو بروقت ضرورت ڪم آڻي سگهن ٿا. ترڪي به ان ڊوڙ ۾ شامل آهي جيڪو هر سال پوري دنیا مان ۵۰۰۰ شاگردن کي اسڪالرشپ ڏئي ٿو. ترڪيء ۾ هن وقت تقريبا ۱۵۰ ملڪن جا ۱٦۰۰۰ شاگرد اسڪالرشپ تي تعليم پرائي رهيا آهن پر سنڌي شاگردن جو ان طرف توجهه گهٽ رهيو آهي . ان جو سبب شايد ترڪيء جي باري ۾ اسان جي ڄاڻ ۽ دلچسپيء جو گهٽ هجڻ آهي. ترڪيء ۾ تعليم دوران مون کي ان ڳالهه جو شدت سان احساس ٿيو ته اتي سنڌي شاگرد آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هئا، جڏهن ته ٻين صوبن جا شاگرد ڌڻن جي شڪل ۾ هوندا هئا. هي مضمون لکڻ جو مقصد سنڌي نوجوانن جو توجهه ترڪيءَ طرفان آفر ٿيندڙ اسڪالرشپس ڏانهن ڇڪائڻ آهي ته جيئن وڌ ۾ وڌ شاگرد اپلائي ڪري ان مان فائدو وٺن هنن اسڪالرشپس متعلق بنيادي معلومات هيٺ ڏجي ٿي:

تعليمي قابليت ۽ عمر جي حد: هي اسڪالرشپس بيچلرز، ماسٽرس ، پي ايڃ ڊي ۽ پوسٽ ڊاڪ لاءِ آهن. هر ليول لاءِ گهربل قابليت ڪجهه هن طرح آهي: بيچلرز لاءِ انٽرميڊيٽ. ايم بي بي ايس، بي ڊي ايس ۽ فارميسيءَ لاءِ انٽرميڊيٽ ۾ نوي سيڪڙو مارڪون جڏهن ته باقي سڀني ڊسپلنس لاءِ ستر سيڪڙو مارڪون هجڻ لازمي آهن. بيچلرز جي اميدوار لاءِ عمر جي حد ۲۰ سال آهي. ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ گهربل مارڪون پنجهتر سيڪڙو آهن ۽ ماسٽرس جو اميدوار ۳۰ سالن کان هيٺ هجي، جڏهن ته پي ايڇ ڊي جو اميدوار ۳۵ سال ۽ پوسٽ ڊاڪ جو اميدوار ۴۵ سالن کان گهٽ هجي.  سبجيڪٽس: هنن اسڪالرشپس لاءِ ڪنهن خاص فيلڊ کي ترجيح نه آهي پر هر سبجيڪٽ جو شاگرد اپلائي ڪري سگهي ٿو. جن ایرياز ۾ هي اڪالرشپس ڏنيون وڃن ٿيون انهن کي هيٺين ستن عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي:  ٽرڪش اسٽڊيز، ايريا اسٽڊيز، سانئس، انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، آرٽس اینڊ هيومينيٽيز، سوشل اينڊ ايڊمنسٽريٽو سانئسز، ايگريڪلچر.  هر عنوان تحت تقريبا اهي سڀئي سبجيڪٽس ڏنل آهن جيڪي پاڪستان ۾ پڙهايا وڃن ٿا ۽ انهن جو تفصيل هر عنوان تي ڪلڪ ڪري ڏسي سگهجي ٿو.  ترڪيء ۾ تعليم عمومي طور تي ترڪي زبان ۾ ڏني وڃي ٿي پر جيڪڏهن توهان انگلش ۾ پڙهڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ ضروري آهي ته توهان جو پروگرام ڪا يونيورسٽي انگلش ۾ آفر ڪندي هجي ۽ ان يونيورسٽيء طرفان جيڪڏهن آئلٽس يا ٽافل گهربل آهي ته اها توهان وٽ هجڻ گهرجي. 

گهربل ڪاغذ: لاڳاپيل تعليمي سندون (جيئن سرٽيفڪيٽس، مارڪ شيٽس وغيره) کانسواءِ شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ، هڪ عدد تصوير، ٻه اڪيڊمڪ ريفرنس ليٽر. انهن جون اسڪين ٿيل ڪاپيون آنلائن ايپليڪيشن سان اٽيچ ٿينديون ۽ اورجنل انٽرويو مهل ڏيکارڻا پوندا. آنلائن فارم ڀرڻ مهل قومي سڃاڻپ نمبر واري خاني ۾ پاسپورٽ جي ڪاپي، پر جي اهو ناهي ته شناختي ڪارڊ جي ڪاپي اٽيچ ٿيندي ۽ ڪوشش ڪري پاسپورٽ جلد از جلد ٺهرائي وٺجي. ليٽر آف انٽينٽ جنهن ۾ اميدوار اهو ڄاڻائي ته هن هن وقت تائين ڇا ڪيو آهي ۽ ترڪيء ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ کيس ڇو دلچسپي آهي. ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي جي اميدوار کي ريسرچ پروپوزل به جمع ڪرائڻو آهي. 

شامل مراعات: هن اسڪالرشپ ۾ هيٺيون مراعات شامل آهن:  ۱- ٽيوشن في ۲- ماهوار وظيفو جنهن جو تفصيل هن ريت آهي: بيچلرز جي شاگردن لاء ۷۰۰ ليرا، ماسٽرس جي شاگردن لاء ۹۵۰ ليرا، پي ايچ ڊي جي شاگردن لاء ۱۴۰۰ ليرا. هن وقت هڪ ليرو ۳۰ پاڪستاني رپين جي برابر آهي. ماهوار وظيفي جي مقدار ۾ ھر سال اضافو ڪیو ویندو آھي. تازو ترڪيء جي گورنمينٽ اعلان ڪيو آهي ته ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي جا اهي شاگرد جيڪي شادي شده آهن ۽ فيمليء سان گڏ رهڻ چاهين ٿا ته ڪرائي جي مد ۾ سندن مالي سهائتا ڪئي ويندي.  ۳- رهائش: شاگردن کي هاسٽلن ۾ رهايو ويندو آهي. هاسٽلن جو معيار ڪافي سٺو آهي، هر هاسٽل ۾ واءِ فاءِ جي سهولت ڏني وئي آهي. جڏهن ته هر هاسٽل کي پنهنجي ميس آهي جنهن ۾ ناشتو ۽ رات جي ماني رعايت سان ڏني ويندي آهي.

  ۴۔ هيلٿ انشورنس: هي سهولت ۲۰۱۴ کان شروع ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ هر يونيورسٽي محدود مقدار ۾ ميڊيڪل جي سهولت ڏيندي هئي جڏهن ته هاڻي هر اسڪالرشپ هولڊر ترڪيءَ جي سرڪاري هيلٿ انشورنس ڪمپني سي گا ڪا وٽ انشورڊ هوندو آهي.  ۵۔ هر شاگرد کي ٽرڪش لئنگويج جو ۱۲ مهينن جو ڪورس ڪرايو ويندو آهي جنهن جو خرچو ٽرڪش گورنمينٽ برداشت ڪندي آهي.  ٦ -ريزيڊنس پرمٽ ڪارڊ جي في ۷- اوٽ موٽ جي ٽڪيٽ ان کانسواءِ ٽرانسپورٽ ۾ به شاگردن کي ڪافي رعايت ڏني ويندي آهي.  اپلائي ڪرڻ جو طريقو ۽ شيڊول: اسڪالر شپ لاءِ ۵ فيبروريءَ کان وٺي ۵ مارچ تائين جو ٽائم آهي، ايپليڪيشن آنلائن آهي ۽ فري آف چارج آهي. آنلائن اپلائي ڪرڻ لاءِ هيٺين ويب سائٽ کي وزٽ ڪيو:  https://www.turkiyeburslari.gov.tr/

جيئن ئي ويب سائيٽ کلي ته ساڄي پاسي کان بلڪل مٿي انگلش واري بٽڻ کي دٻايو ته ويب سائٽ انگلش ۾ کلي ايندي ۽ توهان جي لاءِ فارم ڀرڻ ۾ آساني ٿيندي. اپليڪيشن جا ٽي مرحلا آهن . پهرين مرحلي ۾ هن ويب سائيٽ تي رجسٽر ٿيڻو پوندو جنهن لاءِ اي ميل ايڊريس هجڻ لازمي آهي. رجسٽر ٿيڻ جي رهنمائي يوٽيوب تي ڏنل آهي جنهن جو لنڪ هيٺ ڏجي ٿو:

  https://www.youtube.com/watch?v=p9jddX9nIhs

رجسٽر ٿيڻ واري عمل کان پوءِ ٻي مرحلي ۾ يوزر نيم ۽ پاسورڊ ذريعي ويب سائٽ تي لاگ ان ٿي اپلائي جي بٽڻ کي ڪلڪ ڪيو ۽ ان کانپوءِ کاٻي پاسي ظاهر ٿيندڙ لسٽ ۾ معلومات وجهندا وڃو، گهربل ڊاڪيومينٽس اٽيچ ڪندا وڃو ۽ سيو ڪندا وڃو. ايجوڪيشن انفارميشن واري خاني ۾ جٿي مڊل اسڪول (ortaokul) لکيل آهي اتي ميٽرڪ ۽ جٿي هاءِ اسڪول لکيل آهي اتي انٽرميڊييٽ جا انگ اکر لکو. اڪيڊمڪ ڪواليفيڪيشن جو وري الڳ خانو آهي جنهن ۾ GRE, GAT, IELTS, TOEFL  وغیرہ جيڪڏهن آهن ته انهن جي انفارميشن درج ڪيو.  مٿيان ٻئي مرحلا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اپلاءِ جو بٽڻ ظاهر ٿيندو جنهن کي دٻائڻ سان ٽيون مرحلو شروع ٿيندو. هن مرحلي ۾ هيٺيان خانا آهن: 

ايپليڪيشن جا شرط شرائط : جن کي قبول ڪرڻ کان پوءِ ئي توهان اڳتي وڌي سگهو ٿا.  -ريفرنس انفارميشن: جنهن ۾ توهان کي ٻه اڪيڊمڪ ريفرنس اٽيچ ڪرڻا آهن.  -یونيورسٽيز ۽ ڊپارٽمنٽس جي ترجيحات: ھن ۾ توهان کان توهان جي تعليمي قابليت جي اعتبار سان ۱۲ یونيورسٽيز ۽ ڊپارٽمينٽس کي سيليڪٽ ڪرڻ جو آپشن ڏنو ويندو. 

ليٽر آف انٽيٽ: جيڪو اصل ۾ ماسٽرس ۽ پي ايچ ڊي جي اميدوارن لاءِ رسرچ پروپوزل آهي جنهن ۾ اهي سڀ شيون مختلف پيراگرافس جي شڪل ۾ لکڻيون آهن جيڪي هڪ رسرچ پروپوزل ۾ لکبيون آهن. جڏهن ته بيچلرز جي اميدوار لاءِهي هڪ قسم جوStatement of Purpose  آهي جنهن ۾ هو ٻڌائيندو ته هن تعليمي ڪيريئر ۾ ڇا ڪيو آهي ۽ ترڪيء ۾ ڇو پڙهڻ چاهي ٿو وغيره وغيره. 

سوالنامو: جنهن ۾ اهو پڇيو ويندو ته جيڪڏهن اوهان انٽرويو لاءِ شارٽ لسٽ ٿيو ته ڪهڙي شهر ۾ انٽرويو ڏيڻ پسند ڪندا. هن ۾ سنڌ مان ڪراچيء جو آپشن آهي.  هي مرحلو هڪ ئي دفعي سان ڀري پورو ڪرڻو آهي ان ڪري گهربل معلومات ۽ ڊاڪيومينٽس گڏ کڻي ويهو.  هي مرحلو مڪمل ٿيڻ کان پوء سبمٽ جو آپشن ایندو جنهن کي دٻائڻ سان توهان جي درخواست جمع ٿي ويندي۔ ايپليڪيشن سبمٽ ڪرڻ کان پوءِ اها پي ڊي ايف جي شڪل ۾ توهان جي اڪاؤنٽ ۾ محفوظ ٿي ويندي، ان کي پرنٽ ڪرڻ نه وسارجو ۽ انٽرويو مهل ٻين ڪاغذن سميت اها توهان سان ساڻ هجڻ گهرجي.

چونڊ جو طريقه ڪار:هن ۾ صرف انٽرويو ٿيندو آهي ، ٽيسٽ وغيره نه ورتي ويندي آهي. آخري تاريخ گذرڻ کانپوءِ درخواستن جي جاچ پڙتال ڪري اميدوارن کي انٽرويو لاءِ شارٽ لسٽ ڪيو ويندو آهي. انٽرويو ۾ اڪيڊمڪ سوالن سان  گڏ ڪجهه هن قسم جا سوال پڇيا ويندا آهن:  توهان ترڪيء ۾ ڇو پڙهڻ چاهيو ٿا؟ ٽرڪش اسڪالرشپ جي خبر توهان کي ڪٿان پئي؟ توهان جي خيال ۾ توهان ڊگري وٺي موٽندؤ ته توهان جي ملڪ کي يا ترڪيء کي ان مان ڇا فائدو ٿيندو؟ انٽرويو کان پهريون ڪاغذن جي چڪاس ٿيندي ان ڪري آنلائن سبمٽ ڪرايل سڀني ڊاڪيومينٽس جا اورجنل توهان سان ساڻ هجڻ ضروري آهن.  اميدوار جي تعليمي قابليت ۽ انٽرويو ۾ ڪارڪردگي جي روشني ۾ ان جي اهليت جو فيصلو هڪ ڪميٽي ڪندي آهي ۽ اميدوار کي آگاهه ڪيو ويندو آهي.

  هي اسڪالرشپس ڏينهون ڏينهن بهتر ٿينديون پيون وڃن مثال طور اڳي شاگرد ايئرپورٽ کان هاسٽل تائين پنهنجي مدد پاڻ تحت پهچندو هئو پر هاڻي کين ريسيو ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اداري جي ڊيسڪ ايئرپورٽ تي قائم ڪئي وڃي ٿي جٿي ويٺل نمائندا شاگرد کي ريسيو ڪن ٿا ۽ کيس سندس هاسٽل تائين پهچائين ٿا.  نون آيل شاگردن لاءِ تعارفي پروگرام رکيو وڃي ٿو جنهن ۾ کين ترڪي ۽ اتان جي ڪلچر جي حوالي سان بريف ڪيو وڃي ٿو. شاگردن کي بينڪ اڪاؤنٽ کولرائڻ، هيلٿ انشورنس جي طريقه ڪار کان وٺي يونيورسٽيء ۾ داخلا تائين هر قدم تي رهنمائي ڪئي وڃي ٿي.  ترڪيء ۾ پڙهڻ جو هڪ وڏو فائدو اهو به آهي ته يورپي يونين جي پروگرام اراسمس ۾ اپلائي ڪري هڪ یا ٻه سيميسٽر يورپ جي ڪنهن يونيورسٽيء ۾ پڙهڻ جو موقعو آساني سان ماڻي سگهي ٿو جڏهن ته ترڪي ۾ نوڪري جا به ڪافي موقعا آهن خاص ڪري جڏهن توهان ترڪي جي ڪنهن يونيورسٽيء مان فارغ التحصيل هجو. 

ترڪيء ۾ پنج سال رهڻ ۽ ان اسڪالرشپ مان فائدو وٺندڙ جي حيثيت سان ۽ ٽرڪش گورنمينٽ جي طرفان ٻاهرين ملڪن جي شاگردن کي وڌ ۾ وڌ سهولتون ڏيڻ واري ڪوششن کي ڏسندي مان سنڌي نوجوانن کي اها صلاح ڏيندس ته اهي هن اسڪالرشپ لاءِ وڌ کان وڌ اپلاءِ ڪن.