پشاور زرعي ٽريننگ انسٽيٽيوٽ تي حملي ۾ ملوث ٻه دهشتگرد گرفتار

news

 پشاور: جمعو 16 فيبروري 2018ع: پشاور پوليس زرعي ٽريننگ انسٽيٽيوٽ تي حملي واري ڪيس ۾ ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سي ٽي ڊي جي پڌرائي موجب جوابدارن کي باغبان روڊ ويجهو ڪئمپ تان گرفتار ڪيو ويو. جوابدارن جي سڃاڻپ اويس خان ۽ سعيد الله طور ٿي آهي سندن تعلق چارسده ايجنسي سان آهي.