خيبرپختونخوا اسيمبلي شادي ۾ اجايا خرچ روڪڻ جو بل منظور ڪري ورتو

news

 پشاور: خميس 22 فيبروري 2018: خيبرپختونخوا اسيمبلي شادي وهانءَ ۾ اجايا خرچ روڪڻ بابت بل منظور ڪري ورتو آهي.

رپورٽ مطابق ڊپٽي اسپيڪر مهر تاج روغاني جي صدارت هيٺ خيبرپختونخوا اسيمبلي جي اجلاس ۾ شادي وهانءَ جي تقريبن بابت بل منظور ڪيو ويو جنهن کي جماعت اسلامي جي ميمبر راشده رفعت پيش ڪيو هو. نئين قانون تحت شادي جي کاڌن ۾ ٻوڙ، چانور، ماني ۽ مٺي ڊش هوندي جڏهن ته مڱڻي، ميندي ۽ نڪاح ۾ مهمانن لاءِ رڳو شربت پيش ڪيا ويندا. بل تحت شادي جي تقريبن ۾ لائوڊ اسپيڪر رڳو چوديوار اندر استعمال ٿيندو ۽ گهرن، گهٽين کي سجائڻ ۽ رنگ برنگي بلب لڳائڻ سميت ڦٽاڪن ۽ فائرنگ تي پابندي هوندي.

نئين قانون تحت ڪنوار کي والدين يا خاندان طرفان ملندڙ تحفن جي ماليت هڪ لک رپين کان وڌيڪ نه هوندي جڏهن ته رات جو يارهين وڳي کانپوءِ شادي جي تقريب جي به اجازت نه هوندي. بل مطابق قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ تي 2 لک رپين جو ڏنڊ ۽ 3 مهينا قيد يا ٻئي سزائون ڏئي سگهبيون.