پشاور ۾ سرڪاري گاڏي ڀرسان زوردار ڌماڪو، ٽي ڄڻا زخمي

news

 پشاور: جمعو 23 فيبروري 2018: خيبرپختونخوا جي راڄڌاني پشاور جي رنگ روڊ ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

رپورٽ مطابق دير ڪالوني ۾ سرڪاري نمبر پليٽ واري گاڏي جي ڀرسان زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڌماڪي کان ترت پوءِ ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهچي ويون. پوليس مطابق ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙن ۾ سرڪاري گاڏي ۾ موجود ڊرائيور ۽ 2 واٽهڙو شامل آهن.

پوليس شڪ ظاهر ڪيو آهي ته گاڏي جي ڀرسان هڪ موٽرسائيڪل موجود هئي ۽ امڪاني طور تي ڌماڪي ۾ موٽرسائيڪل استعمال ڪئي وئي آهي.