مشال قتل ڪيس جو ٻيهر پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي: اقبال خان

news

 پشاور: جمعو 09 مارچ 2018ع: مردان جي ولي خان يونيورسٽي ۾ توهين مذهب جي الزام ۾ قتل ڪيل شاگرد مشال خان جي پيءُ اقبال خان چيف جسٽس آف پاڪستان کي مشال قتل ڪيس جو ٻيهر پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.

مشال خان جي پيءُ اقبال خان پنهنجي وڪيلن سان گڏ پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آزاد ٿيل جوابدارن تي کيس خدشا آهن، کيس آزاد ڪرڻ وارو فيصلو معطل ڪيو وڃي. هن صوبائي حڪومت کي پنج وڪيلن جون خدمتون ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته مک جوابدار جي گرفتاري کي ڄاڻي واڻي هڪ سال کانپوءِ ظاهر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هريپور عدالت مدعي جي خاندان ۽ ان جي وڪيل جي غير موجودگي ۾ فيصلو ڏنو جيڪو غير قانوني آهي. مشال خان جي والد چيو ته حڪومت دليل گهرڻ تي دليل ته ڏئي ڇڏيو پر اڃا تائين فيس ناهي ڏني.

مشال خان قتل ڪيس جي وڪيل اياز خان چيو ته ميرٽ تي فيصلو ناهي ٿيو، فيصلو پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي. جڏهن ته ٻئي وڪيل فضل خان چيو ته حڪومت فيصلي تي اثرانداز ٿي عالمي دنيا جون نظرون هن ڪيس تي کتل آهن ۽ آزاد ٿيلن جو استقبال رياست لاءِ سواليا نشان آهي.