ايبٽ آباد پوليس پاران سي پيڪ جي گاڏين مان ڊيزل چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ ٻارنهن پورهيت گرفتار

news

 ايبٽ آباد: ڇنڇر 10 مارچ 2018ع: پوليس سي پيڪ جي گاڏين مان ڊيزل چوري ڪرڻ جي الزام ۾ 12 پورهيت گرفتار ڪري ورتا.

پوليس ذريعن مطابق سي پيڪ منصوبي ۾ ڪم ڪندڙ مدثر ملڪ، محمد نصير، وقار رفيع، شوڪت محمود، خرم نواز، شهزاد فقير محمد، طاهر علي خان، محمد سفير، فيضان ملڪ. مزمل ۽ زاهد گاڏين جو ڊيزل چوري ڪري وڪرو ڪري رهيا هئا.

سي پيڪ انتظاميا جاچ بعد سڀني جوابدارن کي منگل ٿاڻي جي حوالي  ڪري ڇڏيو آهي. منگل ٿاڻي ۾ جوابدارن خلاف قلم 34/408 تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي.