سنڌي ٻوليءَ سان تعصب رکندڙ فهيم عامر ۽ افضل قاسم خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: اياز لطيف پليجو

news

 حيدرآباد: ڇنڇر 17 مارچ 2018ع: قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي چيو آهي ته ٻولي جي بنياد تي نفرت کان نفرت ڪريون ٿا. ڊاڪٽر رابعا کي سنڌي ڳالهائڻ کان روڪي سنڌ ۾ تعصب پکيڙڻ جي سازش ڪندڙ ڊائو يونيورسٽي جي ڊاڪٽر فهيم عامر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر افضل قاسم کي برطرف ڪري انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ملڪ ۾ سڀ ٻوليون ڳالهائيندڙ ڀائر آهن. نادرا چيئرمين عثمان مبين غير قانوني غير ملڪي ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ ۾ ملوث آهي، غير قانوني غير ملڪي ملڪ جي امن لاءِ خطرو آهي. هن اهڙو اظهار بي 48 پرنس ٽائون حيدرآباد ۾ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي ڪيو.

اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر فهيم عامر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر افضل قاسم ايم ڪيو ايم جي نفرت پکيڙيندڙ نرسري ۾ وڏا ٿيا آهن، ايم ڪيو ايم سدائين نفرت جي سياست ڪئي، اردو، سنڌي، پنجابي، سرائيڪي، پشتو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ ڀائرن ۾ سدائين ويڇا وڌايا ۽ ڀائرن کي پاڻ ۾ ويڙهائي انهن کي قتل ڪرايو پر هاڻ اهو دور ختم ٿي ويو آهي. هاڻ اها نفرت جي سياست نه هلي سگهندي. اردو ڳالهائيندڙ، سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ ملڪ جا ٻيا محب وطن ماڻهو نفرت پکيڙيندڙن کان نفرت ڪن ٿا. ڊاڪٽر فهيم عامر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر افضل قاسم غير اخلاقي عمل ڪيو آهي، سندن پيشو انهن کي اهڙي عمل جي اجازت نٿو ٿئي، اخلاقي طور تي انهن کي پاڻ عهدي تان استعيفيٰ ڏئي هليو وڃڻ گهرجي. حڪمرانن تي اها ذميواري ٿي بنجي ته اهي نفرت جا ٻج ڇٽيندڙ عنصرن خلاف ڪارروائي ڪن.

هن چيو ته وفاقي حڪومت اهم عهدن تي ذميوار ماڻهن کي نادرا جي سنڌ ۾ ڪارڪردگي مطمئن ڪندڙ ناهي. لکين ماڻهو ڪارڊ نه هجڻ ڪري ووٽ ڏيڻ کان محروم آهن، ٻئي طرف غير قانوني آيل بنگالين، بهارين، برمين، افغانين ۽ ٻين غير ملڪن جا ڪارڊ ٺهي رهيا آهن، جنهن جو ذميوار نادرا چيئرمين آهي، وفاقي حڪومت فوري طور تي ان کي تبديل ڪري ايماندار ماڻهو کي مقرر ڪيو وڃي.