جماعت اسلامي نگران وزيراعظم لاءِ ڊاڪٽر عبدالقدير جو نالو تجويز ڪري ڇڏيو

news

ڪرڪ: آچر 18 مارچ 2018ع: جماعت اسلامي جي امير سراج الحق نگران وزيراعظم لاءِ پاڪستان جي ناليواري سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو نالو تجويز ڪري ڇڏيو آهي.

ڪرڪ جي علائقي نصرتي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سراج الحق جو چوڻ هو ته نگران وزيراعظم لاءِ سياسي پارٽين ۾ مشورا ٿي رهيا آهن ۽ مان نگران وزيراعظم جي لاءِ ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير جو نالو تجويز ڪريان ٿو.

جماعت اسلامي جي امير جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر عبدالقدير جون پاڪستان لاءِ بي پناهه خدمتون آهن پر پرويز مشرف آمريڪي دٻاءُ تي ڊاڪٽر قدير تي پابنديون لڳائي ڇڏيون هيون.

سراج الحق جو چوڻ هو ته اسلامي انقلاب آڻي نوجاونن کي روزگار فراهم ڪنداسين ۽ بنيادي ضرورتن تي عوام کي سبسڊي ڏني ويندي.

هن جو چوڻ هو ته صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي خريد ۽ وڪرو ٿي رهيو آهي پر جماعت اسلامي ملڪ ۾ جيان جيان سڌارن جي مدد سان ڪرپشن جو خاتمو ڪندي.