ڪوئيٽا ڀرسان وين ڪلٽي، ڊرائيور فوت، پندرهن ڄڻا زخمي، وڍ مان نوجوان جو لاش هٿ

news

 ڪوئيٽا: ڇنڇر 24 مارچ 2018ع: مڇ جي علائقي ۾ ڄاڃين سان ڀريل وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڊرائيور فوت ٿي ويو، جڏهن ته 6 عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

رپورٽن مطابق ڪوئيٽا کان سکر ويندڙ ڄاڃين جي وين مڇ ويجهو ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ ڊرائيور فوت ۽ 15 زخمي ٿي پيا.

ٻئي پاسي ڪوئيٽا جي علائقي وڍ مان گوليون لڳل نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي، جنهن کي اسپتال نيو ويو آهي.