بلوچستان جي نئين سياسي پارٽي ”بلوچستان عوامي پارٽي“ جو اعلان، اهم اڳواڻ شامل ٿيندا

news

 ڪوئيٽا: خميس 29 مارچ 2018: بلوچستان جي نئين سياسي پارٽي جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن جو نالو ”بلوچستان عوامي پارٽي“ رکيو ويو آهي.

ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد احمد هاشمي نئين سياسي پارٽي جو اعلان ڪيو جڏهن ته ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته ساٿي پارٽي جي آئين ۽ منشور تي ڪم ڪري رهيا آهن، جنرل ڪائونسل ۾ عهديدارن جو اعلان ڪيو ويندو ۽ نون عهديدارن جي چونڊ بعد پارٽي کي اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽر ڪرايو ويندو. سعيد احمد هاشمي ٻڌايو ته پارٽي اليڪشن تائين انوار الحق ڪاڪڙ پارٽي جو مرڪزي ترجمان هوندو.

ان موقعي سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته هاڻي بلوچستان مان بليڪ ميلنگ جو آُواز نه ايندو، اسان جي منشور ۾ معاشي ۽ سياسي حق سڀ کان اڳيان هوندا انهن تي ڪا سوديبازي نه ڪنداسين، هر هنڌ تي عوام جي حقن جي جنگ وڙهندي نظر اينداسين. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين سياسي پارٽي ۾ بلوچستان جي وڏي وزير سميت 32 ايم پي ايز شامل ٿيندا. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته 6 سينيٽرز به پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندا.