حڪومت پيٽرول ٻه روپيا ست پئسا في ليٽر سستو ڪري ڇڏيو

news

اسلام آباد: ڇنڇر 31 مارچ 2018ع: حڪومت پيٽروليم جي قميتن ۾ ردو بدل جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ پيٽروليم جي في ليٽر قيمت ۾ 2 روپيا 7 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

ناڻي واري وزارت طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي نئين قيمت 86 روپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پهرئين اپريل کان پيٽرول جي في ليٽر قيمت 5 روپيا 26 پئسا گهٽتائي جي سفارش ڪئي هئي جڏهن ته ٻه روپيا ئي گهٽ ڪيا ويا.

ناڻي واري وزارت موجب ڊيزل جي قيمت ۾ به في ليٽر 2 روپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 96 روپيا 45 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

گاسليٽ جي قيمت ۾ ڪابه تبديلي نه ڪئي وئي ۽ ان جي قيمت 76 روپيا 46 پئسا في ليٽر ئي رهندي.

لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ به ڪابه گهٽتائي ناهي ڪئي وئي ۽ ان جي قيمت 65 روپيا 30 پئسا في ليٽر برقرار رهندي.