هونڊا موٽرسائيڪلن جي قيمت ۾ هلندڙ سال ٻيون ڀيرو واڌ

news

ڪراچي: آچر 01 اپريل 2018ع: اٽلس هونڊا لميٽڊ ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي کي جواز بڻائيندي پنهنجين موٽرسائيڪلن جي قيمتن ۾ 500 مان 3 هزار روپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي جيتوڻيڪ اها ڪمپني مقامي طور تي پرزا ٺاهڻ جي 90 سيڪڙو هدف کي حاصل ڪري چڪي آهي.

ڪمپني طرفان سي ڊي 70 جي قيمت ۾ 3 سالن کانپوءِ 500 سئو رپيا واڌ ڪئي وئي ۽ هاڻ ان جي نئين قيمت 64 هزار روپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي طرح سي ڊي 70 ڊريم ۽ پرائيڊر جون نيون قيمتون هڪ هزار روپيا واڌ سان گڏ ترتيبوار 68 هزار 500 روپيا ۽ 88 هزار روپيا ڪئي وئي آهي.

سي جي 125 جي قيمت 1500 روپيا واڌ سان گڏ هڪ لک 9 هزار روپيا ٿي وئي آهي.

سي جي 125 ڊيلڪس ۽ سي بي 150 جي قيمتن ۾ 3 هزار روپين جي واڌ ڪئي وئي آهي ۽ اها ترتيبوار هڪ لک 29 هزار 500 روپيا ۽ هڪ لک 65 هزار روپيا ٿي وئي آهي، انهن قيمتن تي عمل 2 اپريل 2018 کان ٿيندو.