پي ايس او جو مالي بحران سنگين ٿي ويو، مختلف ادارن ڏانهن اربين رپين جون رهتون

news

 اسلام آباد: سومر 02 اپريل 2018: پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) جو مالي بحران سنگين ٿي ويو آهي. پي ايس او جي مختلف ادارن جي بقايا 335 ارب 10 ڪروڙ رپين جي هڪ رڪارڊ سطح تائين پهچي وئي آهي. پي ايس او کي عدم ادائيگين جي صورت ۾ ملڪ ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ وڌي وڃڻ جو پڻ خدشو آهي.

مليل ڄاڻ موجب مختلف ادارن طرفان پي ايس او کي باقائدگي سان ادائيگي نه ڪرڻ سبب پي ايس او مالياتي بحران جو شڪار ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته مختلف ادارن ڏانهن پي ايس او جا 335- ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم بقايا آهي. دستاويزن موجب جينڪوز کي پي ايس او کي 153 ارب رپيا، حبڪو 83- ارب 40 ڪروڙ رپيا ۽ ڪوٽ ادو پاور ڪمپني (ڪيپڪو) پي ايس او کي 43-ارب 70 ڪروڙ رپيا ادا ڪرڻا آهن. جڏهن ته سوئي نادرن گئس ڪمپني لميٽيڊ کي ايل اين جي جي بقايا جي مد ۾ پي ايس او کي 25-ارب رپين جي ادائيگي ڪرڻي آهي.

جڏهن ته مالي بحران جي شڪار پي ايس او کي مختلف ملڪي ۽ پرڏيهي ريفائنرين کي 15- ارب 10 ڪروڙ رپيا ادا ڪرڻا آهن.