ايمنسٽي اسڪيم تي تنقيد ڪندڙ پهريان پنهنجو ادا ڪيل ٽيڪس ٻڌائين: شاهد خاقان عباسي

news

ڪوئيٽا: ڇنڇر 07 اپريل 2018ع: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم تي تنقيد ڪندڙن کي چئلينج ڪندي چيو آهي ته ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم تي تنقيد ڪندڙ پهريان پنهنجو ادا ڪيل ٽيڪس ٻڌائين، نواز شريف ترقي جو ٻيو نالو آهي، هڪ پاسي مسلم ليگي خدمت ۽ سچائي جي سياست آهي ۽ ٻئي پاسي گارين واري گندي سياست آهي، جيڪڏهن عوام کي گارين واري سياست گهرجي ته اهي ماڻهو به موجود آهن، جيڪڏهن سچ جي سياست گهرجي ته اهي ماڻهو به موجود آهن، اڄ بدقسمتي آهي جو گاريون ڏيندڙ ان حد تي پهچي ويا جو انهن جون گاريون ختم ٿي ويون پر عوام کان داد نه مليو، اهڙن ماڻهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته گارين جي سياست کي عوام هاڻي رد ڪري چڪو، هاڻي جولاءِ ۾ به کين رد ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن يڪ مڇ، فاران روڊ جي اڏاوتي ڪم جو پيڙهه جو پٿر رکڻ ۽ موٽر وي ايم ايٽ جي خضدار شهدادڪوٽ سيڪشن جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.

وزيراعظم چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ خريد ۽ وڪرو ڪندڙ هڪٻئي سان مخلص ناهن، جيڪڏهن کين حڪومت ملي وئي ته اهي ملڪ سان ڇا ڪندا؟ 2013ع کان اڳ بلوچستان ۾ وڏا وڏا منصوبا رهيل هئا، مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي ترقي لاءِ جيتري ڪوشش ڪئي ان جو مٿال نٿو ملي، اهو وقت پري نه آهي جڏهن بلوچستان ملڪ جو سڀ کان امير صوبو هوندو. شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت آهي ۽ رهندي، ملڪ ۾ امن لاءِ فوج پنهنجون وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪيون ۽ ان لاءِ قربانيون ڏنيون، جنهن سبب اڄ ملڪ ۾ امن آهي، اسان کي امن سان ترقي واري عمل کي برقرار ۽ جاري رکڻو آهي.

وزيراعظم چيو ته وسيلن کان سواءِ ترقي نٿي ٿي سگهي، ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ٽيڪس سڌارن جو انقلابي قدم کنيو ويو، ان جو هڪ مقصد آهي ملڪ ۾ اهي ماڻهو جيڪي وسيلا رکن ٿا انهن جا ڪاروبار آهن، اهي ٽيڪس ادا ڪن، اسان انهن لاءِ سهولت پيدا ڪئي، ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انڪم ٽيڪس جي شرح کي اڌ کان به گهٽائي ڇڏيو، ايمنسٽي اسڪيم هڪ انقلابي قدم آهي، هي هڪ قدم پاڪستان جي معيشت کي اهي وسيلا ڏيندو جيڪي هن کان اڳ ڪڏهن به ڪنهن ناهن ڏنا، اسان کي ٻين طرف ڏسڻ جي ضرورت نه پوندي، ضرورت اها آهي ته سڀ متفق هجون ان تي تنقيد جي ڪا گنجائش نه آهي، اهي تنقيد ڪهڙي ڳالهه تي ڪري رهيا آهن ته ٽيڪس جا ريٽ گهٽايا ويا جنهن کي تنقيد ڪرڻي آهي پهريان اهو ٻڌائي ته اهو ٽيڪس ڪيتري ادا ڪري ٿو، اهڙن ماڻهن کي چئلينج ڪيان ٿو ته عوام کي ٻڌائين ته انهن ڪيترو ٽيڪس ادا ڪيو، دعويٰ سان چوان ٿو ته ڪوبه شخص اچي تنقيد ڪرڻ جي قابل نه هوندو.

هن چيو ته ملڪ ۾ ڪٿي به وڃون ۽ اسڪيم ڏسو اتي نوازشريف ۽ ن ليگ جي اسڪيم ملندي، هميشه سوال ڪيان ٿو ته ڇا هي وسيلا پهريان نه هئا، پهريان حڪومتون نه هيون ملڪ ۾ آمريت ۽ ٻيون حڪومتون رهيون پر ڪو ڪم نظر نه آيو. هن چيو ته نواز شريف ترقي جو ٻيو نالو آهي، ملڪ ۾ ترقي ٿيندي رهندي.