مرضيءَ جا فيصلا نٿا ڪريون، آئين ۽ قانون تحت هلون ٿا: چيف جسٽس

news

ڪوئيٽا: اربع 11 اپريل 2018ع: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جو چوڻ آهي ته اسان وٽ طاقت ناهي جو انگريز جي دور واري قانون کي بدلائي سگهون، قاضي پنهنجي مرضي جا فيصلا ناهي ڪندو پر آئين ۽ قانون مطابق هلندو آهي.

ڪوئيٽا ۾ وڪيلن ۽ ججن کي خطاب ڪندي چيف جسٽس جو چوڻ آهي ته اسان  وٽ ڪا طاقت ناهي جو 1908ع ۾ ٺاهيل قانون کي تبديل ڪري سگهون، ان ئي قانون تي عمل ڪريون ته به انصاف جي جلد فراهمي ٿي سگهندي. سندس چوڻ هو ته عدليا کان ماڻهن کي اميد اهي ته هو انهن کي انصاف ڏيارين پر بدقسمتي سان اسان پنهنجي صلاحيتن کي استعمال نٿا ڪريون. هن چيو ته انصاف، عدل جي بنياد کي مضبوط ڪري نه سگهياسين ته الله سامهون ڪيئن سرخرو ٿينداسين، جنهن جو حق ماريو ويو اهو عدالتن جو دروازو کڙڪائيندو آهي ۽ ڪيترائي سال فيصلي جو انتظار ڪندو آهي، ان جو ذميوار ڪير آهي؟

چيف جسٽس چيو ته انصاف جي فراهمي ۾ دير تي مون سميت هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين عدالتن جا جج ذميوار آهن، جيڪي ماڻهو پنهنجي حق لاءِ وڙهن ٿا انهن کي ڪير انصاف ڏيندو؟ اسان کي حڪومت پاران سهڪار ۽ وسيلا ميسر نه پيا ٿين، پر اسان کي ان باوجود ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڀلي مان هجي يا ٻيو ڪير، اسان کي پنهنجي گهر کي ٺيڪ ڪرڻو آهي، ماڻهن کي بروقت انصاف نه ملندو ته ماڻهو متنفر ٿيندا، الله توفيق ڏني آهي ته توهان انصاف ڪري سگهو، سمجهه نٿو اچي ته سول ڪيسن ۾ ايترو وقت ڇو لڳندو آهي ته ڪيس چار چار سالن تائين هلندو آهي؟

هن چيو ته مان حيران آهيان ته اهي قابل جج ڪيڏانهن ويا جن جا فيصلا موتين سان لکجي ويندا هئا، اهڙا جج هئا جنهن جا فيصلا سپريم ڪورٽ ۾ ايندا هئا ته تبديل نه ٿيندا هئا. چيف جسٽس چيو ته ڪنهن به معاشري ۾ انصاف ٿيڻ ضروري آهي، بي انصافي تي ٻڌل معاشرو ناهي هلي سگهندو.

ثاقب نثار چيو ته بلوچستان کان عدالتي سڌارن جو اعلان ڪيو آهي، عدليا رياستي ادارو آهي، جنهن کانسواءِ ان جو قيام ناممڪن آهي، ڪفر جو معاشرو هلي سگهي ٿو پر ظلم ۽ ناانصافي جو معاشرو هلي نٿو سگهي.