وي سي ڊاڪٽر مجيب صحرائي عهدي ۾ واڌ ٿيڻ بعد يونيورسٽي پهچڻ تي شاندار استقبال

news

ٽنڊوڄام:اربع 11 اپريل 2018: سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي جي وائيس چانسلر واري عهدي ۾ چار سال واڌ ٿيڻ بعد يونيورسٽي پهچڻ تي استادن، ملازمن، آفيسرن ۽ شاگردن سون جي انگ ۾ يونيورسٽي جي مک گيٽ آڏو گڏ ٿي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي مٿان گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو.

جنهن بعد وائيس چانسلر کي ريلي جي صورت ۾ وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ تائين آندو ويو. ان موقعي تي ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي خطاب ڪندي چيو ته آئون گذريل چار سال يونيورسٽي جي ترقي لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو آهيان، ايندڙ چار سالن ۾ هن اداري کي دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ شامل ڪرڻو آهي، ان لاءِ ملازمن، شاگردن، آفيسرن توڙي استادن کي پنهنجو فرض ادا ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته هن خوشي جي موقعي تي سموري اداري جي اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ ڏسي انتهائي خوشي ٿي رهي آهي. هن ملازمن ۽ شاگردن پاران ڀرپور استقبال ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.

ان موقعي تي مختلف فئڪلٽين جي ڊينز ڊاڪٽر اعجاز احمد کونهارو، ڊاڪٽر نور محمد سومرو، سائوٽا جي صدر ڊاڪٽر نعمت الله لغاري، ڊائريڪٽر ايڇ آر غلام محي الدين قريشي، ڊائريڪٽر عمر ڪوٽ ڪيمپس ڊاڪٽر جان محمد مري، رجسٽرار حفيظ الله ميمڻ، ملازم فيڊريشن جي صدر ممتاز خاصخيلي، پبلڪ رليشنز آفيسر علي اصغر ڀٽي، پروجڪٽ ڊائريڪٽر رياض احمد سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.01