ڪوئيٽا ڊسٽرڪٽ جيل ۾ هڪ قيدي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

news

 ڪوئيٽا: خميس 12 اپريل 2018ع: ڪوئيٽا ڊسٽرڪٽ جيل ۾ هڪ قيدي ڳچيءَ ۾ رسو وجهي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽن مطابق محمد اڪرم جهيڙي واري ڪيس ۾ ڪجهه عرصي کان ڪوئيٽا ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قيد هو، قيدي رسو پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي ڦاهو کائي آپگهات ڪيو. سندس آپگهات جا ڪارڻ سامهون اچي نه سگهيا آهن.

پوليس قيدي جي لاش کي اسپتال موڪليو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.