شهدادڪوٽ جي گرلس ڊگري ڪاليج ۾ سائنسي ميلو لڳايو ويو

news

شهدادڪوٽ:جمعو 13 اپريل 2018: شهدادڪوٽ جي گرلس ڊگري ڪاليج  ۾ سائنسي ميلو لڳايو ويو، ڪاليج انتظاميا پاران لڳايل ميلي ۾ ڪاليج ۽ مختلف اسڪولن جي استادن ۽ شاگردياڻين سميت مختلف تنظيمن جي اڳواڻن  شرڪت ڪئي.

سائنسي ميلي  ۾ شاگردياڻين طرفان ڪيميسٽري ۽ بائيولاجيڪل سسٽم تحت پنهنجي مهارت سان اليڪٽرانڪ سميت مختلف قسم جا تيار ڪيل ماڊل نمائش لاءِ پيش ڪيا.

ان موقعي تي  پي ٽي آءِ ليڊيز ونگ جي صوبائي اڳواڻ ناهيد کهاوڙ، باڊهه گرلس ڪاليج جي پرنسپال  رضيا سومرو، ليڪچرر محمد اسلم بروهي، قربان علي منگي،  شاگردياڻين دعا، عشا کوکر، ڪائنات ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهدادڪوٽ جي گرلس ڪاليج ۾ پهريون ڀيرو سائنسي ميلو لڳايو ويو آهي، جنهن ۾ شاگردياڻين وڏي جدوجهد سان مختلف قسمن جا  ماڊل تيار ڪري پيش ڪيا آهن، جن سان لڪل صلاحتيون ظاهر ڪرڻ جو کين موقعو مليو آهي.

سائنسي ميلي ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردياڻين جو چوڻ هو ته اڄوڪو سائنسي ميلو هنن لاءِ اتساهه جو باعث آهي. گرلس ڪاليج جي پرنسيپال سبين مستوئي چيو ته سائنسي ميلو لڳائڻ لاءِ  هنن تمام گهڻي جدوجهد جو مظاهرو ڪيو،  جنهن ۾ استادن جي پڻ محنت شامل آهي. پرنسپال جو وڌيڪ چوڻ هو ته سائنسي ميلو لڳائڻ جو مقصد شاگردياڻين جي لڪل صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ آهي.01