ڪوئيٽا ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ سبب ٻه ڄڻا مارجي ويا، پنج زخمي

news

ڪوئيٽا: آچر 15 اپريل 2018ع: ڪوئيٽا جي علائقي عيسيٰ نگري ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ پنج زخمي ٿي پيا، فائرنگ جو نشانو بڻجندڙن جو تعلق ڪرسچن ڪميونٽي سان آهي.

پوليس موجب عيسيٰ نگري جي علائقي ۾ اڻڄاتل ماڻهن گهٽي ۾ بيٺل ماڻهن تي فائرنگ ڪري ڏني ۽ فرار ٿي ويا.

فائرنگ سبب 7 ڄڻا زخمي ٿيا، واقعي کانپوءِ زخمين کي فوري طور تي بي ايم سي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سيميول ۽ اظهر زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا جڏهن ته باقي 5 ڄڻا علاج هيٺ آهن.

واقعي ۾ فوت ٿيندڙن ۽ زخمي ٿيندڙن جو تعلق مسيحي برادري سان آهي، وارٿن واقعي کانپوءِ اسپتال انتظاميه جي مبينا غفلت تي لاشن کي اسپتال سامهون رکي احتجاج ڪيو.