پاڪستان ڀارتي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

news

 اسلام آباد: سومر 16 اپريل 2018ع: پاڪستان ڀارتي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي معاملن واري آفيس جو چوڻ آهي ته ڀارتي هاءِ ڪمشنر کي سکن سان ملڻ جي اجازت نه ڏيڻ جا الزام بي بنياد آهن.

پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾چيو ويو آهي ته سيڪريٽري اويڪيوٽرسٽ  طرفان بي ساکي جي رسمن ۽ خالصه جنم ڏينهن جي سلسلي ۾ ڀارتي هاءِ ڪمشنر کي باقائده دعوت ناما جاري ڪيا ويا، جنهن تي پرڏيهي وزارت ضروري انتظامن کانپوءِ ڀارتي هاءِ ڪمشنر کي اجازت نامو جاري ڪري ڇڏيو هو. انتظاميا طرفان سموري دنيا کان ايندڙ سکن طرفان ڀارت خلاف احتجاج کي نظر ۾ رکندي ڀارتي هاءِ ڪمشنر جي موجودگي کان پاسو ڪيو، جيڪو اي ٽي پي بي ۽ ڀارتي انتظاميا جي متفقه راءِ کانپوءِ ترڪ ڪيو ويو.

مقامي انتظاميا جو چوڻ هو ته ڀارتي هاءِ ڪمشنر جي موجودگي ۾سک ڀارت خلاف احتجاج ۾ معاملا خراب ٿي سگهن ٿا، جنهنڪري ڀارتي هاءِ ڪمشنر سکن جي تقريبن ۾شرڪت کان پاسو ڪري ڇڏيو.  15 اپريل ڀارتي هاءِ ڪميشن جي سفارتڪارن گردوارا پنجه صاحب جو دوروڪيو.

ترجمان  پرڏيهي آفيس ڊاڪٽر محمد فيصل جو چوڻ آهي ته پاڪستان گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڀارت سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر ڀارت طرفان  مثبت جواب نه ملڻ سبب  ڳالهين جو ماحول نه ٺهي سگهيو، پاڪستان هميشه سک  ياترين کي مذهبي رسمن جي ادائيگي لاءِ اجازت ناما جاري ڪندي ضروري انتظام ڪيا پر پاڪستان سان مذهبي رسمن لاءِ خواجا نظاالدين  اولياءِ، خواجا معين الدين چشتي ۽ ٻين جڳهين تي وڃڻ لاءِ مسلمانن کي ڀارت  ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڀارت ٻنهي ملڪن وچ ۾ مذهبي رسمن جي ادائيگي لاءِ 1974ع جي معاهدي جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي پر علاج لاءِ ويندڙ پاڪستانين کي ويزا جاري ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. ترجمان چيو ته هن سال به پاڪستان 200 سک ياترين  کي پاڪستان ۾ مذهبي رسمون ادا ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.