چوڌري نثار کي سهاري جي ضرورت ناهي، ان جو سنئون سڌو عمران خان سان رابطو آهي: شاهه محمود قريشي

news

 لاهور: سومر 16 اپريل 2018ع: پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هاڻوڪن حڪمرانن ڏکڻ پنجاب صوبي تي توجهه ناهي ڏنو، پوئين 10سالن جي حڪومتي دور ۾ ڏکڻ  پنجاب جي عوام ۾ احساس محرومي پيدا ٿي، پنجاب ۾ سمورو پاڪستان پاڻي جي هڪ هڪ ڦڙي لاءِ ترسي رهيو آهي، ڏکڻ پنجاب صوبي تي توجهه نه ڏنو ويو، 11 ڪروڙ جي صوبي کي گڏ هلائڻ مشڪل آهي، ڏکڻ پنجاب جي 44 قومي اسيمبلي جي سيٽن کي انهن جو حق ملڻ گهرجي، اسان انهن نتيجي تي پهتا آهيون ته ڏکڻ صوبي جو قيام انتهائي اڻٽر آهي. انهن خيالن جو اظهار شاهه محمود قريشي پنجاب جي اسيمبلي ميمبر سان گڏ  ڪينٽ ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو.

هن چيو ته پي ٽي آءِ ڏکڻ  پنجاب  کي صوبو ٺاهڻ جي تائيد ڪئي آهي، ڏکڻ پنجاب جو علائقو پاڻي جي هڪ هڪ ڦڙي لاءِ ترسي رهيو آهي، ڏکڻ پنجاب جو 90 سيڪڙو علائقو زراعت لاءِ استعمال ٿيندو آهي، سنڌ تاس معاهدو ڪيو ويو، بهاولپور وڃو اتي واري اڏرندي نظر ايندي، ڏکڻ  پنجاب پاڪستان جي 85 سيڪڙو ڪپهه پيدا ڪندو آهي، شهباز شريف 2 ڏهاڪن کان پنجاب تي حڪومت ڪري رهيو آهي، چيو ويندو آهي ته اسان آبادي کان وڌيڪ انهن وسيلا ڏنا آهن ايلوڪيٽ  ڪرڻ ۽ ڏيڻ  ۾ فرق  آهي.

چوڌري نثار بابت سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته مون کي انهن جي سياسي فيصلي جو ته علم نه آهي، چوڌري نثار کي ڪنهن ٽئين سهاري جي ضرورت نه آهي انهن جي ڊائريڪٽ چيئرمين عمران خان تائين پهچ آهي، اهو کلي ڪري مخالفت نه ڪندو پر کلي ڪري منافقت نه ڪندو، تحريڪ انصاف اهم اشو تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

نگران وزيراعظم جي سوال تي جواب ڏيندي چيو ته منهنجي خورشيد شاهه سان ملاقات ٿي آهي، پنهنجي ليڊرشپ تائين انهن جوپيغام پهچايو آهي، انهن ٻنهي جي ڳالهه ٻولهه کي سامهون رکندي خورشيد شاهه سان گڏ ويهي ڪري ان سان گڏ چيئرمين عمران خان جي ڏنل نالي تي غور ڪيو ويندو.