ڊونلڊ ٽرمپ اخلاقي طور تي صدارت جي اهل ناهي: اڳوڻو ايف بي آءِ سربراهه

news

 واشنگٽن: سومر 16 اپريل 2018ع: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ايف بي آءِ جي اڳوڻي سربراهه جيمز ڪومي وچ ۾ لفظن جي ويڙهه شدت اختيار ڪري چڪي آهي.

هڪ ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي جيمز ڪومي جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اخلاقي طور تي صدارتي عهدي جي ذميواري سنڀالڻ جي اهل ناهي. هن چيو ته ٽرمپ عادتي ڪوڙو، عورتن کي تحقير ڪندڙ ۽ پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ هر ماڻهو لاءِ بدنما داغ آهي.

هن چيو ته مان ان ڳالهه تي يقين نٿو رکان ته ڊونلڊ ٽرمپ وسارڻ واري بيماري جي شروعاتي مرحلن ۾ آهي يا ذهني طور تي ڪنهن به ريت نااهل آهي، جيڪو ماڻهو ٻين تي ڪڙي نظر رکي ۽ هر ڳالهه جو حساب ڪتاب رکي اهو ڪنهن به ريت معمولي ذهنيت جو مالڪ نٿو ٿي سگهي.

هن چيو ته منهنجو خيال آهي ته ٽرمپ اخلاقي طور تي صدر واري عهدي لاءِ نااهل آهي.

جيمز ڪومي جي انٽرويو کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي پيغام ۾ جي هڪ سلسلي ۾ اڳوڻي ايف بي آءِ چيف لاءِ سخت لفظ استعمال ڪندي ان جي ذهانت کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ کيس ايف بي آءِ جي تاريخ جو بدترين سربراهه قرار ڏنو آهي.