جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي ٿيل فائرنگ جي جاچ ۾ ڪابه پيش رفت ناهي ٿي: چيف جسٽس

news

 لاهور: سومر 16 اپريل 2018ع: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ واري واقعي جي جاچ ۾ هن وقت تائين ڪابه پيش رفت ناهي ٿي، معاملي جو جائزو وٺي رهيا آهيون.

سپريم ڪورٽ ۾ فٽبال فيڊريشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ بعد اظهار يڪجهتي تي سپريم ڪورٽ بار ۽ پاڪستان بار ڪونسل جو ٿورو ادا ڪيو.

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي ٿيل فائرنگ بابت جائزو وٺي رهيا آهيون ۽ جاچ ۾ هن وقت تائين ڪابه پيش رفت ناهي ٿي.