فلم ”هندي ميڊم“ چيني باڪس آفيس تي ٻه سئو ڪروڙ جو بزنس ڪري ورتو

news

 ممبئي: سومر 16 اپريل 2018ع: بالي ووڊ اداڪار عرفان خان جي فلم ” هندي ميڊم “ چيني باڪس آفس تي 200 ڪروڙ جو بزنس ڪري ورتو آهي.

ڀارتي سڌ سماءِ جي ذريعن موجب پاڪستاني اداڪارا صبا قمر ۽ اداڪار عرفان خان جي فلم ” هندي ميڊم “ چين ۾ 200 ڪروڙ ڪمائي ورتا. 

” هندي ميڊم “ اها پهرين فلم آهي جنهن چين ۾ 200 ڪروڙ جو ڪاروبار ڪيو آهي. ڄاڻايل فلم جي ڪهاڻي ۾ هندوستان جي تعليمي نظام ۾ تفريق کي پيش ڪيو ويو آهي.