فيض آباد ڌرڻو ڪيس: خادم رضوي ۽ ٻين خلاف ڪارروائي روڪي وئي

news

اسلام آباد: سومر 16 اپريل 2018ع: اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پراسيڪيوشن جي استدعا تي فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي جوابدارن خادم حسين رضوي ۽ ٻين ڌرڻي جي اڳواڻن خلاف 3 ڪيسن کي آفيس داخل ڪندي وڌيڪ ڪارروائي روڪي ڇڏي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج شاهرخ ارجمند ذڪر ڪيل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پوليس طرفان رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو ته ڪيسن جي نئين سر جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر چالان جمع ڪرايو ويندو.

پراسيڪيوٽر عدالت کان استدعا ڪئي ته  نئون چالان جمع ڪرائڻ تائين ڪيس جي ٻڌڻي نه ڪئي وڃي. جنهن تي عدالت پراسيڪيوٽر جي استدعا منظور ڪندي ڪيسن تي وڌيڪ ڪارروائي روڪي ڇڏي ۽ ان کانپوءِ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي.