جاپان ۾ روبوٽ به ميئر جي چونڊن ۾ حصو وٺندو

news

ٽوڪيو: سومر 16 اپريل 2018ع: ٽيڪنالاجي ۽ روبوٽس جي سرزمين جاپان مان خبر آئي آهي ته اتي هٿرادو ذهانت (آرٽيفيشل انٽيليجسن) تي ٻڌل پهرئين اميدوار ميئر جي مقابلي ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پوري دنيا ۾ اهو بحث شروع ٿي ويو آهي ته روبوٽس ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس انسانن جون ملازمتون کڻي وييندا ۽ ان سان بيروزگاري وڌندي پر ڇا اها ڳالهه حيرت جوڳي ناهي ته جاپان ۾ هٿرادو ذهانت تي ٻڌل هڪ فرضي شخصيت شهر جي ميئر جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

جيتوڻيڪ اڃان به هٿرادو  ذهانت کي مٿانهن عوامي عهدن لاءِ موزون قرار ڏيڻ جو ڪوبه قانون ناهي بڻجي سگهيو جڏهن ته ٽوڪيو جي ڏورانهين علائقي ٽاما سٽي ۾ بلدياتي معاملن ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ڪردار کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان کي آرٽيفيشل انٽيليجنس ميئر يا اي آءِ ميئر جو نالو ڏنو ويو آهي.

ان جو مقصد اهو آهي ته انساني آفيسرن جي جاءِ تي هٿرادو ذهانت جا سافٽ ويئر بلدياتي معاملن جو فيصلو ڪندا ۽ اهڙي طرح تمام شفاف ۽ منصفاڻا ۽ غير جانبدار فيصلا ڪري سگهبا جن سان هر شهري کي هڪ جيترو فائدو ٿي سگهندو.

ميئر جي اميدوار ميشي هيٽو ماتسوڊا پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته دنيا ۾ پهريون ڀيرو هٿرادو ذهانت چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي.

هٿرادو ذهانت سان بڻجندڙن ميئر وسيلي شفاف ۽ متوازن انداز ۾ پهرئين عوامي ڊيٽا جمع ڪرائي ويندي ۽ ان کانپوءِ تمام تيزي سان فيصلا ڪيا ويندا جيڪي ايندڙ نسل لاءِ به فائديمند هوندا.