ڊبليو ڊبليو اي اسٽار جان سينا ۽ نڪي بيلا جي مڱڻي ٽٽي وئي

news

نيويارڪ: سومر 16 اپريل 2018ع: ريسلنگ جي ناليواري اسٽار جان سينا ۽ ان جي مڱيندي نڪي بيلا شادي کان هڪ مهينو اڳ عليحدگي اختيار ڪري ورتي آهي، ٻئي اسٽارز گذريل 6 سالن کان هڪ ٻئي سان گڏ آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب ريسلر نڪي بيلا پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي جاري هڪ پيغام ۾ جان سينا سان رشتو ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو.

هن جو چوڻ هو ته ڇهه سال گڏ رهڻ کانپوءِ جان سينا ۽ مون الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

اهو فيصلو ڪافي ڏکيو هو پر اسان جي دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ عزت ۽ پيار هميشه رهندو.

اسان پنهنجن مداحن کان به اميد  رکون ٿا ته اوهان به اسان جي فيصلي جو احترام ڪندو.