سنڌ کي نوجوان تعليم ذريعي ئي تبديل ڪري سگهن ٿا: اياز پليجو

news

حيدرآباد: سومر 16 اپريل 2018: قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي چيو آهي ته نوجوان وڏا خواب ڏسن ۽ انهن جي تعبير لاءِ اڳتي وڌن. ننڍيون سرڪاري نوڪريون به ضروري آهن پر ناممڪن کي ممڪن بنائڻ جي جستجو ڪئي وڃي.

سنڌ کي ڪرپشن جي گهيري مان ڪڍي وڏي طاقت بنائڻ لاءِ پيشقدمي ڪئي وڃي. عالمي سٽيزن ٿي دنيا ۾ اڳتي وڌنداسين ته سنڌ خوشحال ٿي ويندي.

هن اهڙو اظهار حيدرآباد ڪلب ۾ ايوارڊ تقريب دوران خطاب ڪندي ڪيو. اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو ته تعليم رڳو ڪلارڪي لاءِ حاصل نه ڪجي، هي دور نقل ڪري پوزيشن حاصل ڪرڻ جو ناهي، ميرٽ کانسواءِ اڳتي نٿو وڌي سگهجي. جنهن وٽ ميرٽ آهي، دنيا ان جي قدمن ۾ آهي.

انگريزي، چيني سان گڏ سموريون ٻوليون سکجن، عالمي ادب ۽ تاريخ پڙهجي، ڪراچي، اسلام آباد، لاهور جي تعليمي ادارن کان اڳتي وڌي عالمي يونيورسٽين تائين پهچڻ جا خواب ڏسجن ۽ اتي وڃڻ جي جدوجهد ڪجي.

هن چيو ته حڪمران تبديلي ۽ ترقي نٿا چاهين، ان ڪري سنڌ جي تعليم کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي. اسڪول واڙا ۽ اوطاقون بڻيل آهن، يونيورسٽين ۾ سهولتون ناهن، پوائنٽ بسون ناهن، سفارش تي استاد ڀرتي ڪيا وڃن ٿا.

حڪمرانن جا پنهنجا ٻاهر آمريڪا، يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ پڙهن ٿا پر سنڌ جي تعليمي ادارن کي ڪٻاڙ خانو بنايو ويو آهي. سنڌ کي نوجوان تعليم ذريعي ئي تبديل ڪري سگهن ٿا.01